سينيئر صحافي زبيده مصطفيٰ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي صحافتي دنيا اڄ پنهنجي هڪ وڏِي آواز، سينيئر صحافي زبيده مصطفيٰ جي وڇوڙي تي سوڳوار آهي. ڪراچي پريس ڪلب طرفان جاري ڪيل بيان موجب، زبيده مصطفيٰ گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. خانداني ذريعن سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي.زبيده مصطفيٰ صحافت ۾ سماجي مسئلن،تعليم ۽ صحت جي شعبن جي رپورٽنگ ڪئي ۽ ٻارن جي مسئلن،صحت ۽ غربت جي خاتمي تي به سوين ڪالم لکيا ۽ مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب به لکيا،زبيده مصطفيٰ ڪيترائي ملڪ ۽ عالمي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي،ڪراچي پريس ڪلب جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته زبيده مصطفيٰ رڳو هڪ صحافي نه هئي، بلڪه پاڪستاني صحافت جي هڪ علامت ۽ ادارو هئي. سندس بيباڪ لکڻيون، سماجي مسئلن تي تجزيا، ۽ تعليم، صحت، عورتن جي حقن بابت مسلسل آواز بلند ڪرڻ، صحافتي معيارن کي نوان قدر ڏنا. سچائي سان سندن واڳ، سماجي انصاف لاءِ بي لوث جدوجهد، ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ سندن جاکوڙ، پاڪستاني صحافت لاءِ هڪ اعليٰ معيار ڇڏي وئي.،زبيده مصطفيٰ پاڪستان جي انهن پهرين عورتن مان هئي، جن مردن جي غلبو رکندڙ صحافتي ميدان ۾ نه رڳو پاڻ کي مڃايو، پر ٻين عورتن لاءِ رستا به هموار ڪيا.زبيده مصطفيٰ جو صحافتي سفر تعليم، صحت، انساني حقن، عورتن جي بااختياري ۽ معاشرتي ناانصافين خلاف لکڻين سان ڀريل رهيو. ان حوالي سان انهن جي لکڻين کي علمي ۽ تحقيقي قدر پڻ حاصل آهي.ڪراچي پريس ڪلب جي بيان ۾ چيو ويو آهي:زبيده مصطفيٰ جي وڃڻ سان جيڪا خالي جاءِ پيدا ٿي آهي، اها ڀرجي نه سگهندي، پر سندن خدمتن کي ڪڏهن وساريو نه ويندوزبيده مصطفيٰ جي ڇڏي ويل ميراث صحافت سان واڳيل نون نسلن لاءِ مشعل راه بڻجي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.