”خيرات“ ۾ مليل اڪثريت سبب ن ليگ مغرور؟ پ پ پاران حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نبيُل گبول ۽ مملڪتي وزير داخلا طلال چوڌري وچ ۾ سخت جملن جو ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ نبيُل گبول اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. اجلاس راجا خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي ايم اين اي شازيه مري پاران سي ڊي اي ترميمي بل پيش ڪيو ويو. بل تي بحث دوران قانون واري وزارت جي نمائندي چيو ته سڀ کان پهرين آئين سپريم آهي، شهريار آفريدي چيو ته ٻيهر اهو چئو،ٻڌڻ ۾ سٺو لڳي رهيو آهي،.نبيُل گبول، طلال چوڌري ۽ چيئرمين سي ڊي اي جي روَيي تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين جو رويو پيپلز پارٽي جي ميمبر سان انتهائي تلخ آهي، لڳي ٿو  ته خيرات ۾ مليل ٻه ڀاڱي ٽي  اڪثريت سان اوهان مغرور ٿي ويا آهيو،هن چيو ته اسان اڳ به توهان جي حڪومت ڪيرائي هئي، هاڻ به ڪري سگهون ٿا. نبيُل گبول اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو،.طلال چوڌري چيو ته "جيڪي نه ٿا سمجهن، انهن کي سمجهايو ويندو آهي شازيه مري چيو ته هو قانوني آفيسر خلاف تحريڪ استحقاق آڻيندي، جنهن تي طلال چوڌري جواب ڏنو ته آڻيو، مان پاڻ سامهون ايندس. چيئرمين ڪميٽي معاملي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڇڪتاڻ وڌي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.