ٽنڊي محمد خان ۾ ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان شهر جي بئراج ڪالوني ڀرسان زئور ڪالوني ۾ گهريلو اڻبڻت ٿيڻ تان سڳي ننڍي ڀاءُ آصف خاصخيلي پنهنجي وڏي ڀاءُ 37 ورهين جي اشفاق خاصخيلي کي پسٽل جا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو ، قتل واري واقعي کانپوءِ جوابدار واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان سٽي ٿاڻي جي پوليس قتل ٿيل نوجوان جي لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي ٿيڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، قتل ٿي ويل نوجوان جي سندس اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي ، پوليس موجب قتل ٿي ويل نوجوان جي لاش کي سول اسپتال مان ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، قتل جي ايف آءِ آر وارثن موجب داخل ڪئي ويندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.