لکي غلام شاهه ڀرسان ضمانت تي آزاد ٿيندڙ شخص جيل گيٽ وٽ قتل

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاهه /خانپور تعلقن ۾ هلندڙ شر بڊاڻي تڪرار تان ٻٽي قتل ڪيس ۾ گرفتار غوث بخش عرف غوثل شر ضمانت منظور ٿيڻ بعد جيئن جيل مان آزاد ٿيو ته جيل جي مين گيٽ تي هٿياربندن ٽي ٽي پسٽل سان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، قتل بعد جوبدار فرار ٿيڻ لڳو ته جيل پوليس اھلڪارن ۽ مقتول جي وارثن پيڇو ڪيو فائرنگ ۾ هٿياربند غلام حيدر پٽ غلام محمد بڊاڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو، جتان هو پوليس کي چڪمو ڏئي فرار ٿي ويو ٻئي طرف قتل ٿيل مقتول غوث بخش عرف غوثل شر جو لاش وارث کڻائي ڳوٺ نبن شر پهتا ته ڪهرام مچي ويو. شر بڊاڻي تڪرار تان قتل ٿيلن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو آهي ٻڌايو وڃي ٿو ته هڪ سال اڳ خانپور ويجهو قتل ٿيل بڊاڻي برادري جي چڱي مڙس غلام قادر بڊاڻي ۽ان جي پٽ جي قتل ڪيس گرفتار ٿيل هو جيڪو ضمانت ٿيڻ جيئن جيل مان آزاد ٿيو ته مين گيٽ تي مٿس فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ويو.شر بڊاڻي تڪرار ٽي سال اڳ سکر ۾ قتل ٿيل نوجوان جلال الدين شر جي قتل بعد شروع ٿيو جيڪو خانپور تعلقي تائين پکڙجي ويو ڳوٺ ٻڍو واسي ڌرين جلال الدين شر گلشير بڊاڻي مان ڀڙڪيل تڪرار ڳوٺ شبير شر شير محمد بڊاڻي مرزا شر غلام قادر بڊاڻي نبن شر بهار خان شر مبارڪ شر حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي ٻين ڳوٺن تائين پکڙجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.