ڪراچي ۾ مفت نمبر پليٽ ڏيڻ واري تنظيم جي آفيس تي ڇاپو،ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)نارٿ ڪراچي جي علائقي ايل فائيو ۾ بلال ڪالوني ٿاڻي جي حدن ۾ سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل نئين اجرڪڊيزائن واري نمبر پليٽ مفت ڏيڻ واري هڪ فلاحي ۽ سياسي تنظيم جي آفيس تي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ ڇاپو هنيو، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنرڳجهي اطلاع تي پوليس سان گڏ ڇاپو هنيو، ڇاپو تحريڪ نوجوانان پارٽي جي آفيس تي هنيو ويو، جتان نمبر پليٽون هٿ آيون، جن کي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ غير قانوني قرار ڏنو، ايڪسائيز ذريعن موجب ڇاپو اعليٰ اختيارين جي خفيه اطلاع تي هنيو ويو، پارٽي چيئرمين فيضان حسين کي به فوري طلب ڪيو ويو آهي، فيضان حسين ردعمل ڏيندي چيو ته اسان ايڪسائيز جي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته اسان شهرين کي مفت اجرڪ واري نمبر پليٽون فراهم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته شهر ۾ اهڙيون نمبر پليٽون وڪري لاءِ به موجود آهن، تحريڪ نوجوانان پارٽي اعلان ڪيو آهي ته ايڪسائيز جي هن ڪارروائي خلاف احتجاج ڪنداسين ۽ قانوني واٽ اختيار ڪبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.