ڪراچي(رپورٽر)سنڌ ۾ نمبر پليٽن جي تبديلي جو معاملو عدالت پهچي ويو، سماجي ڪارڪن فيضان حسين پاران سنڌ حڪومت جي نمبر پليٽن جي تبديلي واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي فيصلي سبب گهٽ آمدني وارن شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏيڻو پيو آهي، نئين نمبر پليٽ نه لڳائيندڙ شهرين جي گاڏين کي ضبط ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو غيرمنصفاڻو عمل آهي، شهرين پنهنجون پراڻيون نمبر پليٽون به رقم ادا ڪري حاصل ڪيون هيون ۽ اهي به حڪومت طرفان ئي جاري ڪيل هيون،حڪومت کي گهرجي ته نئين ڊيزائن واري نمبر پليٽ مفت طور تي فراهم ڪري، نئين نمبر پليٽ جي غيرموجودگي تي ڏنڊ يا گاڏي ضبط ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي غيرضروري طور حراسان ڪيو پيو وڃي، درخواست ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، موٽر ويھيڪل رجسٽريشن وِنگ، ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو آهي.