عورتن تي ظلم ڪرڻ تي طالبان جي سينئر اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

دي هيگ(م ڊ) عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) افغانستان ۾ عورتن تي ظلم ڪرڻ جي الزامن تحت طالبان جي سينئر اڳواڻن، سپريم ليڊر هيبت الله آخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، العربيه جي رپورٽ موجب بين الاقوامي فوجداري عدالت جي ججن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهڙا معقول شاهد موجود آهن جن جي بنياد تي شڪ آهي ته سپريم ليڊر هيبت الله آخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني صنف جي بنياد تي انسانيت خلاف ڏوهن، يعني ظلم ۽ ستم ڪيو آهي، طالبان خاص طور تي ڇوڪرين ۽ عورتن کي انهن جي جنس جي بنياد تي نشانو بڻايو ۽ انهن کي بنيادي حقن ۽ آزاديءَ کان محروم رکيو، طالبان ڇوڪرين ۽ عورتن کي تعليم، نجي زندگي ۽ خانداني زندگي جي حقن کان، گڏوگڏ اچ وڃ، اظهارِ راءِ، سوچ، ضمير ۽ مذهب جي آزاديءَ کان سختيءَ سان محروم ڪيو.

  1. مونس علوي ٻيهر ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او مقرر

ڪراچي(رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف گورنرز، مونس علوي کي ٻيهر چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئيڇڏي آهي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف ايگزيڪيوٽو جي ٻيهر مقرري جو فيصلو 7 جولاءِ تي ٿيل بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته مونس علوي جي ٻيهر مقرري 30 جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي،واضح رهي ته مونس علوي کي پهريون ڀيرو 2018ع ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.