ڪراچي(رپورٽر)لياري جي بغدادي علائقي ۾ پنج ماڙ عمارت جي ڪرڻ کان پوءِ، متاثر خاندان بي گهر ٿي ويا آهن، ڪنهن رشتيدارن وٽ ته ڪي پنهنجي بچيل سامان سان گڏ رستن تي ڊيرا هنيا ويٺا آهن،نه حڪومتي دعوائن تي عمل ٿيو ۽ نه ئي سماجي تنظيمن متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي آيون، واقعي کان پوءِ متاثرن لاءِ نه ڪو خيمو لڳايو ويو، نه عارضي پناهه گاهه جو انتظام ڪيو ويو. ٻار، عورتون ۽ بزرگ کلي آسمان هيٺ بي وسيءَ جي موسم ۾ جيئڻ تي مجبور آهن، ڪيترن کي ته صرف هڪ ڪلاڪ جو نوٽيس مليو ته گهر خالي ڪريو، پوءِ سندن جا در بند ٿي ويا، هڪ متاثر عورت دانهن ڪندي چيو چار ڏينهن ٿي ويا، اڃا تائين گهر وڃڻ نه ڏنو ويو، ٻارن سان گڏ رستي تي ويٺا آهيون، ڪنهن پڇا به نه ڪئي، رڪشا ڊرائيور، جن جي روزي عمارت هيٺان پارڪ ٿيل گاڏين سان هئي، هنن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته کين متبادل ڏنو وڃي ته جيئن ٻارن جو پيٽ ته ڀري سگهن، هوڏانهن لياري ۾ عمارت ڪرڻ کان اڳ ڪجهه دير جي وڊيو به سامهون اچي وئي، جنهن ۾ عمارت جي ڪرڻ کان اڳ آيل وڊيو ۾ عمارت جي ٿنڀ کي لڏندي ۽ ڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.
لياري واقعو: عدالت پاران ايس ايس پي ڪمپلين سيل سائوٿ کي نوٽيس جاري
ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ لياري جي علائقي بغدادي ۾ بلڊنگ ڪرڻ تي ڪراچي جيمئير ،اڳوڻو ڊي جي ايس بي سي اي سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس پي ڪمپلين سيل سائوٿ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت 14جولاءِ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، درخواستگذار درخواست ۾ ڪراچي جي ميئر ،اڳوڻو ڊي جي ايس بي سي اي،سائوٿ جي ڊپٽي ڪمشنر ،ڪي اليڪٽرڪ جي سي او، وقتي ايم ڊي ايس ايس جي سي ، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ ،ڊي جي سپيا،ايس ايس پي سٽي ۽ ايس ايچ او بغدادي کي نامزد ڪيو ويو آهي، درخواست گذار وڪيل محمد هارون جو چوڻ هو ته پوليس ڪراچي جي ميئر سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي، عدالت کان استدعا آهي ته ڪراچي جي ميئر سميت ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي .
لياري واقعو:گورنر سنڌ پاران متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو اعلان
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لياري ۾ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي 80 گز جو پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته عمارت ڪرڻ جي واقعي تي وڏي وزير طرفان ڪميٽي ٺاهڻ خوشي جوڳي آهي، ڊي جي ايس بي سي اي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، پر چهرا تبديل ٿيڻ سان نظام صحيح نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته لياري بغداد ۾ عمارت ڪرڻ سان فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي 80 گز جو پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو، لياري جي عوام کي مايوس نه ڪندس انهي لاءِ ايوان ۾ آواز اٿاريندس، جيڪي خاندان بي گهر ٿيا آهن، انهن کي راشن به ڏنو ويندو،ڪامران ٽيسوري مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت 6 مهينن جو ڪرايو ۽ انهي علائقي ۾ متاثرين کي گهر وٺي ڏئي.
سنڌ حڪومت وٽ زبون حال عمارتن بابت ڪا به رٿا ناهي:آباد چيئرمين
ڪراچي(رپورٽر) ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي چيئرمين حسن بخشي، سينئر وائيس چيئرمين سيد افضل نديم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لياري ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. 2017 کان 2025 تائين عمارت ڪِرڻ جا 12 واقعا ٿيا جن ۾ 150 ماڻهو فوت ٿيا.هن چيو ته شهر ۾ 2 قسم جون عمارتون ڪِرن پيون، جيڪي خراب ٿيل هيون يا غير قانوني هيون. سنڌ حڪومت خراب ٿيل عمارتن کي ڊاهڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي تيار نه ڪئي آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾، خانگي ادارن ذريعي سروي ڪرايو وڃي، جيڪي عمارتون مرمت جي ڪم ذريعي مرمت ڪري سگهجن ٿيون، انهن جي مرمت ڪئي وڃي، ۽ جيڪڏهن عمارتون مرمت ذريعي مرمت نه ٿي سگهن ته مالڪ کي انهن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو پابند هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ لکين عمارتن تي اضافي فرش ٺاهڻ لاءِ ڪرپشن جو بازار گرم آهي. ڪراچي ۾ گذريل 5 سالن ۾ عمارتن تي 85,000 ھزار غير قانوني فرش تعمير ڪيا ويا آهن، جنهن سان رهواسين جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارڪردگي ڪرپشن جو مظهر آهي. اسان جو مطالبو آهي ته ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. ان ۾ انجنيئرنگ ۽ نقشي جي منظوري جا کاتا الڳ ڪيا وڃن. غير قانوني عمارتن جي تعمير ۾ ملوث مالوٽ بلڊرز ۽ سرڪاري عملدارن خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪينٽونمينٽ علائقن ۾ به غير قانوني تعميرات جاري آهي. حصو مافيا غير قانوني عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٺڳي رهي آهي.
واعدو اهڙو ڪريو جيڪو پورو ڪري سگهو: سعديه جاويد جي گورنر تي تنقيد
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد گورنر ڪامران ٽيسوري جي لياري جي دوري تي ردعمل ڏيندي ديرسان پهچڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي، پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پنجن ڏينهن کان پوءِ لياري ۾ واقعي واري هنڌ پهچڻ تي گورنر صاحب جا ٿورا مڃون ٿا، ڪراچي جا ماڻهو ڏکيائيءَ ۾ هئا، تنهن ڪري گورنر سنڌ، ڪامران ٽيسوري کي فورن اسلام آباد مان ڪراچي اچڻ گهرجي ها، گورنر اهڙو ڪو به وعدو نه ڪري جيڪو پورو نه ڪري سگهي، ڇو ته هن وقت سياست جي نه پر داد رسي جي ضرورت آهي.
لياري سانحي تي سنڌ حڪومت جي مجرماڻي خاموشي شرمناڪ آهي: حليم عادل شيخ
ڪراچي (پ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ بلڊنگون ڪرڻ جا واقعا روز جو معمولبڻجي ويا آهن، جڏهن ته حڪومت، لاڳاپيل ادارا ۽ ميڊيا خاموش تماشائي بڻيل آهن. هن چيو ته لياري ۾ تازي حادثي ۾ 27 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون، پر ائين لڳي ٿو ڄڻ سڀ ڪنهن کي ايندڙ سانحي جو انتظار آهي.حليم عادل شيخ الزام هنيو ته ان ڏکوئيندڙ واقعي جي مڪمل ذميواري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) تي عائد ٿئي ٿي، جنهن گذريل 18 سالن ۾ ڪراچي کي اجاڙ بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ 578 عمارتون خطرناڪ قرار ڏنل آهن، پر نه ته اهي عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن هن گهر ڪئي ته لياري جي سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
لياري واقعو، نوٽيس جاري هئڻ باوجود عمارت خالي ڇو نه ٿي؟
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري ۾ پنج ماڙ عمارت جي ڪري پريشان ڪندڙ واقعي کان پوءِ، چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان واقعي جا سبب ڄاڻڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ پنج رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، سوال اڀري رهيا آهن ته لياري ۾ عمارت ڇو ڪري پئي؟ عمارت خالي ڪرڻ جا نوٽيس ڪڏهن جاري ٿيا؟ ۽ اهي نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود عمارت ڇو نه خالي ڪئي وئي؟ چيف سيڪريٽري سنڌ انهيءَ سلسلي ۾ پنج رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، ڪميٽي جو مقصد آهي ته عمارت ڪرڻ جا سبب معلوم ڪيا وڃن، ذميوار ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سفارشون تيار ڪيون وڃن،ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي کي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ عائشه حميد، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر ڪمپلينٽس ۽ آصف نديم احمد، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس بي سي اي آصف علي لانگاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل آهن، ڪميٽي کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو 48 ڪلاڪن اندر پنهنجي ابتدائي رپورٽ جمع ڪرائي.