ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ واقع هڪ فليٽ مان سوشل ميڊيا تي سرگرم ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندڙ 32 ورهين جي مقبول اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو. ڊي آءِ جي سائوٿ زون سيد اسد رضا موجب، فليٽ اتحاد ڪمرشل جي هڪ عمارت ۾ هو جتي پوليس مقامي عدالت جي حڪم تي فليٽ خالي ڪرائڻ لاءِ وئي. گزري ٿاڻي جي پوليس 3:15 وڳي در کڙڪايو، پر اندران ڪو جواب نه آيو، جنهن کان پوءِ تالا ٽوڙي اندر داخل ٿيا ته اداڪارا جو لاش هٿ آيو. پوليس سرجن ڊاڪٽر سامعيا سيد موجب، لاش ڳريل حالت ۾ اسپتال آندو ويو. پوليس موجب شروعاتي طور لاش 15 ڏينهن پراڻو لڳي ٿو. پوليس جي ڪرائيم سين يونٽ کي ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو. ايس ايس پي سائوٿ مهزور علي موجب، اداڪارا گذريل سال 2024 کان فليٽ جو ڪرايو ادا نه ڪيو هو ۽ مالڪ عدالت سان رابطو ڪيو، جنهن جي حڪم تي ڪارروائي ٿي. فليٽ اندران بند هو، ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ ئي موت جو سبب واضع ٿي سگهندو. حميرا اصغر احسان فراموش ۽ گرو سميت ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي هئي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻي سرگرم هئي.