نيشنل يوٿ والنٽيئر نيٽ ورڪ سنڌ چيپٽر جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو ڪامياب انعقاد

ڪراچي (پ ر) برگد آرگنائيزيشن فار يوٿ ڊيولپمينٽ پاران زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچي جي سهڪار سان نيشنل يوٿ والنٽيئر نيٽ ورڪ (NYVN) سنڌ چيپٽر جي نون چونڊيل ميمبرن لاءِ هڪ ڏينهن واري تربيت جو ڪامياب انعقاد ڪيو ويو.
هي ورڪشاپ ڪراچي جي مختلف يونيورسٽين مان آيل نوجوانن، ٽرانسجينڊر برادري ۽ معذور ماڻهن جي شرڪت سان منعقد ڪيو ويو، تربيت دوران نوجوانن کي اهم موضوعن جهڙوڪ سماجي احتساب ۽ معلومات تائين رسائي جو حق (RTI)، ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جو ڪردار ۽ شموليت تي ٻڌل پاليسين تي آگاهي ڏني وئي.
تقريب جا خاص مهمان اڳوڻي وزير بيرسٽر شاهده جميل، پروفيسر ڊاڪٽر حريم صديقي (اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر، زيبسٽ)، هما عباسي ۽ ايڊووڪيٽ محمد عثمان سومرو هئا.
چيف گيسٽ بيرسٽر شاهده جميل نوجوانن کي خطاب ڪندي چيو پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ نوجوان والنٽيئرز جو ڪردار نمايان رهيو آهي، اڄ جا نوجوان به قوم جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ته ملڪ ٻيهر عظيم بڻجي سگهي ٿو.
برگد آرگنائيزيشن جي نمائندي عبدالباري تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن، مهمانن ۽ زيبسٽ انتظاميا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي تربيت سنڌ ۾ هڪ باخبر، پرعزم ۽ سرگرم نوجوانن جي نيٽ ورڪ جي شروعات آهي.
تقريب جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، جڏهن ته مهمانن کي سونيئر ۽ شيلڊون به پيش ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.