اهو چيو ويندو آهي ته، پنهنجي مطالبن مڃرائڻ لاءِ، احتجاج ڪري سگھجي ٿو. ڌرڻا هڻي سگھجن ٿا ۽ جلسا ۽ جلوس به ڪڍي مطالبا مڃرائي سگھجن ٿا. پر شرط اهو آهي ته اهي پرامن هجن. ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو وڃي. اهڙا احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو جمهوري حق آهي. قانون اجازت ڏيئي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ جمهوري نظام رائج آهي. پر، جيڪي ڪم ڪيا پيا وڃن سي سمورا جمهوريت جي خلاف آهن. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، هتي نالي ماتر لولي لنگڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ آمريت جو روح ڦوڪيل آهي. آمرن جي حڪومتن ۾ عوام تي تشدد ڪيو ويندو آهي. ماڻهن کي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي اجازت مليل ڪونه هوندي آهي. موجوده حڪومت مان به آمريت جي بوءِ اچي پئي. جمهوريت جا دعويدار حڪمران صرف ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيا آهن. ڪوڙا بيان ڏيئي قوم کي گمراهه ڪندا وتن ۽ عوام کي بيوقوف بنائي رهيا آهن. حقيقت ۾ جمهوريت، عوامي حڪومت جو نالو آهي. جنهن ۾ عوام جي مشڪلاتن ۽ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پر، هاڻ هتي قصو ابتو نظر اچي ٿو. ڪوبه ماڻهو پرامن احتجاج ڪري ٿو ته ان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. مختلف ٿاڻن تي ايف آءِ آرز ڪاٽيون وڃن ٿيون ۽ گرفتاريون ڪيون وڃن ٿيون.
ان جو مثال اهو آهي ته تازو، سنڌ جي سرڪاري ملازمن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو. هن احتجاج ۾ هزارين ملازم شريڪ ٿيا هئا. سندن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا. پگھارن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. سندن خيال آهي ته، هن وقت مهانگائي وڌي ويئي آهي. هر شيءِ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون آهن. جنهن ڪري هو، پريشان حال آهن. مهانگائي جي لحاظ کان سندن پگھار ٿورو آهي. سندن جيئڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. خاص ڪري پينشنر طبقي لاءِ جيئڻ جنجال آهي. سندن زندگيون سراپا سورن ۾ آهن. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ملازمن ڪيترائي دفعا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيا. پر، سندن هڪ به ڪانه ٻڌي ويئي. پوءِ مجبورن سڀني ملازمن گڏجي ڪراچي شهر ۾ ڌرڻو هنيو ۽ مظاهرو ڪيو. نام نهاد جمهوري حڪومت، ملازمن جي مطالبن لاءِ ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو سندن مطالبن مڃڻ کان نٽايو ويو. ملازم به ڌرڻي ۾ ڄمي بيهي رهيا سنڌ جي مختلف شهرن مان اهي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا جنهن ڪري مظاهرين جي تعداد ۾ واڌ حڪومت کي پريشان ڪري وڌو. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ حڪومت وردي وارن کي اختيار ڏنا ته ملازمن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪريو کين منتشر ڪريو ۽ ميدان خالي ڪرائڻ ۾ هرگز دير نه ڪريو.
پوليس به انتظار ۾ هئي ته کين حڪم ملي ۽ اشارو ٿئي ته هو دير ئي نه ڪن. پوليس وٽ ٻي ڪابه واٽ ڪونه آهي صرف دٻدٻو، رعب، دهشت ۽ تشدد ڪرڻ کان سواءِ هو ڪجهه به ڪري نه ٿا سگھن. حڪومت جي طرفان پوليس کي فري هينڊ ملڻ سان پرامن احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي. شيلنگ ڪئي. ڳوڙها گئس استعمال ڪيو. پاڻي جي پمپن جا منهن کولي ڇڏيائون ڪيترائي ملازم بيهوش ٿي ويا. هڪ طرف سخت گرمي هئي ته ٻئي طرف پوليس جي لٺبازي به شروع هئي. ڪيترائي ملازم گرفتار ڪيا ويا. جن کي ڪراچي جي مختلف جيلن ۾ لاڪپ ڪيو ويو. پوليس انهن تي بيجا سلوڪ ڪندي رهي ۽ تشدد ڪرڻ کان پاسو ڪونه ڪيو.واپس پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا. پر، حڪومت کي اها ڀل آهي ته، ملازمن جو آواز بند ٿي ويو. سندن آواز کي طاقت جي ذريعي دٻايو ۽ هيسايو ويو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ائين ڪونه ٿيندو وري ٻيهر ملازم گڏجي پوندا. متحده ٿي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وري تحريڪ هلائڻ جو سلسلو شروع ڪندا. اها تحريڪ وڌيڪ مضبوط ۽ سگھاري نموني سان شروع ٿيندي جيڪا حڪومت لاءِ پريشاني جو باعث ۽ سبب بڻجي سگھي ٿي ۽ مذڪوره مطالبا مڃرائڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي. ان لاءِ بهتر آهي ته، سنڌ جي حڪومت ملازمن جي مطالبن تي غور ڪري ۽ سندن مطالبا مڃيا وڃن. ملازمن جون پريشانيون دور ڪيون وڃن. ملازم ئي ملڪ جو سڄو نظام هلائين ٿا. ۽ ادارن کي مضبوط ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن جي نه ٻڌي ويئي. سندن مطالبن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ۽ کين ڀت سان لڳايو ويو ته پوءِ، انتظامي لحاظ کان ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ دشواريون پيدا ٿي سگھن ٿيون.
ماضي ۾ به اها ساڳئي حڪومت ڪراچي ۾ ملازمن تي ڪڙڪندي رهي آهي. مختلف کاتن جي ملازمن کي پوليس هٿان تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. آئون هن لکڻي جي ذريعي سنڌ حڪومت کي اها گذارش ٿو ڪريان ته ملازمن جا مطالبا حل ڪري سندن بيچيني دور ڪئي وڃي. مون، ٻڌو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ملازمن ۽ پينشنرن جي پگھارن ۾ اضافو نه ڪيو ته اهي ٻيهر ميدان ۾ ايندا. جنهن ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ٻنجو ڏنو وڃي ۽ مسئلو حل ڪري خراب صورتحال ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو وڃي. اميد ته هن طرف ڌيان ڏنو ويندو ۽ ملازمن سان ڳالهيون ڪري سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. ملازمن جي بغير ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ناممڪن ۽ ڏکيو آهي. جنهن ڪري ملازمن جي سڀني جائز مطالبن مڃڻ کان انڪار نه ڪيو وڃي.
يهر ملازم گڏجي پوندا. متحده ٿي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وري تحريڪ هلائڻ جو سلسلو شروع ڪندا. اها تحريڪ وڌيڪ مضبوط ۽ سگھاري نموني سان شروع ٿيندي جيڪا حڪومت لاءِ پريشاني جو باعث ۽ سبب بڻجي سگھي ٿي ۽ مطالبا مڃرائڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي. ان لاءِ بهتر آهي ته، سنڌ جي حڪومت ملازمن جي مطالبن تي غور ڪري ۽ سندن مطالبا مڃيا وڃن. ملازمن جون پريشانيون دور ڪيون وڃن. ملازم ئي ملڪ جو سڄو نظام هلائين ٿا. ۽ ادارن کي مضبوط ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن جي نه ٻڌي ويئي. سندن مطالبن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ۽ کين ڀت سان لڳايو ويو ته پوءِ، انتظامي لحاظ کان ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ دشواريون پيدا ٿي سگھن ٿيون.