روس جو طالبان کي تسليم ڪرڻ ۽ علائقائي مفادن جي گيم

تحرير: محمد عامر رانا

اھا عجيب ستم ظريفي آھي  ته اها ئي طاقت جنهن کي تباهي پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويندو ھو. هاڻي تلافي جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ان کان ھٽي ڪري تھ افغان سوويت جنگ عالمي نظام کي نئين شڪل ڏني يا نه، ان خطي، خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان کي ضرور تبديل ڪيو.سياست پنهنجي طريقي سان ڪم ڪري ٿي ۽ جيئن اھو سمجهڻ لاءِ ته جڏهن هڪ اڳوڻو دشمن هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر بڻجي ٿو، تھ  اسان کي اطمينان سان ڏسڻو پوندوآهي ته ٻنھي مان ھر ڌر  ڇا چاهي ٿي ۽ ان جي ڪھڙي ضرورت آهي.

ان لحاظ کان روس پاران افغان طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ حيران ڪندڙ نه هجڻ گهرجي. پر ڇا  اھو فيصلو تضادن سان ڀريل ناهي؟ ڇا بھ ھجي، طالبان انھن مجاهدن جي نظرياتي اولاد آهي جن سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ  تي وڏو فخر ڪيو ھو. پاڪستان پڻ ان ميراث ۾ پنھنجو حصو وڌو ھو ۽ تڏهن کان وٺي اڄ تائين اھو وياج سميت ان جو نتيجو ڀوڳي رھيوآهي.ويڙھاڪ گروپ جيڪي اڄ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو  آھن. انھيءَ ئي جهادي ٻيڙي  سان تعلق رکن ٿا ۽ اڄ جي طالبان پاليسين مان لڳي ٿو تھ اھي افغانستان جي پيچيده ماضي جي آئيني ۾ پاڪستان کي ڏسڻ چاهين ٿا.

آمريڪا جيڪو عملي سفارتڪاري  ۾ پنهنجي نقطھ نظر سبب  مشهور آهي،جڏھن ڳالھھ ان جي ٿئي تھ شايد ئي وضاحت جي ضرورت پيش اچي. واشنگٽن لاءِ، فتح يا شڪست اخلاقي مطلق نھ  پر هڪ حڪمت عملي آھي. آمريڪا نيڪالي کان اڳ طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي آخري فوجي جي افغانستان مان ڪڍڻ کان اڳ خاموشي سان انهن کي تسليم ڪرڻ جي آڇ ڪري رهيو هو.ماسڪو جي پاليسي ۾ تبديلي جا اشارا ڪجھه  سالن کان لڳاتار ملي رھيا ھئا. بهرحال روس پاران  افغانستان کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ  جي موقعي جي ڳالھھ ڪجي تھ اھا اهڙي وقت  ۾ ٿي آھي. جڏهن، اسرائيل ايران تڪرار جي ڪري پيدا ٿيندڙ افراتفري وچ ۾ اھو تاثر ملي رھيو ھو تھ روس  ڏکڻ وچ ايشيا جي جيو پوليٽڪس ۾ پنهنجو اثر وڃائي رهيو آهي.

شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو آهي. غزه ۾ انساني الميو سنگين ٿي رهيو آهي. ايران جيڪو روس جو اهم علائقائي اتحادي آھي،گھيري  ۾ آهي. ٻئي طرف ماسڪو جو ردعمل رڳو بيان بازي تائين محدود آهي.ايتري قدر جو لڳي ٿو تھ يوڪرين ۾ به روس ڦاسي پيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو جيو پوليٽڪس کي ڪاروباري ڊيل ۽ جڏھن تھ جنگ کي ڪنھن برانڊنگ مشق طور ڏسي ٿو، ان روس کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. هاڻي جڏهن دنيا انتشار  جو شڪار آهي،اھڙي ڪيفيت ۾ سندس نوبل امن انعام حاصل ڪرڻ  خواهش هڪ ٻئي افسوسناڪ عنصر جو اضافو ڪري ٿي. فلسطينين لاءِ، هي غداري جي ڊگهي تاريخ جو هڪ ٻيو اونداھو باب آهي، جيڪي مسلسل ظلم کي منھن ڏئي رھيا آھن.جڏھن تھ  دنيا جو ضمير سمھي چڪو آھي.

مرڪزي سوال ڏانهن واپس اچون ٿا  جيڪو اھو آھي تھ طالبان حڪومت کي تسليم ڪري روس آخر ڇا حاصل ڪرڻ جي اميد  ڪري رھيو آھي؟ جيڪڏھن ايران جي نظر سان ڏٺو وڃي تھ اھا اڳڀرائي پريشان ڪندڙ آهي. طالبان سان تهران جي مايوسي وڌي رهي آهي. ڪجهه ماڻهو اھا قياس ڪن ٿا تھ اسرائيلي جارحيت تي طالبان جو خاموش ردعمل  يا شايد شام جي نئين قيادت سان انهن جي صف بندي  خاص طور تي عبوري صدر احمد الشارع، جنهن ٽرمپ سان ملاقات ڪري ۽ اسرائيل سان معمول تي اچڻ جو اشارو ڏئي مبصرن کي حيران ڪري ڇڏيو،انھن ڳالھين  تهران ۾ بيچيني پيدا ڪئي آهي.

طالبان ۽ شام جي نون حڪمرانن ۾ ڪي خاصيتون ھڪجھڙيون آھن. جهڙوڪ عملي سفارتڪاري، نظرياتي مونجھارو ۽ بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي خواهش!اتحاد ۾ تبديلين جا سنگين نتيجا آهن. حيات تحرير الشام، جنهن جا القاعده ۽ طالبان سان آپريشنل ۽ نظرياتي لاڳاپا رھيا آهن، ان شام ۾ تهران جي اتحادي بشار الاسد جي حڪومت کي ڊاھي ڇڏيو آهي ۽ ايران  ان کي لبنان ۾ حزب الله لاءِ خطري جي طور تي به ڏسي سگهي ٿو، جنهن سان اسرائيل ايران خلاف وڌيڪ جارحاڻي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. ايران جي پريشانين ۾جيش العدل، جنھن کي ايران مخالف گروھ بھ شامل آهي، جيڪو افغانستان ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ پاڪستان ايران سرحد جي ويجهو سرگرم آهي.

شام جي نئين سياسي اشرافيه وانگر، طالبان بھ تيزي سان عملي ۽ اسٽريٽجڪ ٿي رهيا آهن. اهي سمورين علائقائي ۽ عالمي قوتن سان رابطي ۾ آھن،جنھن ۾ چين، روس، آمريڪا ۽ هندستان شامل آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ چين داءُ تي لڳل آھي. افغانستان جي پاڙيسري جي حيثيت سان، بيجنگ چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام سندس زمين تائين  پکڙجي سگهي ٿو.

اهو ئي سبب آهي ته چين ڪابل ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ اعتماد سازي جا پنھنجا چينل قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو مقصد تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. پر ان ھوندي دهشتگردي  ڪنٽرول نه ٿي سگھي آهي.افغان سرزمين پاڪستان ۾ خوني حملن لاءِ ھڪ لانچنگ پيڊ طور استعمال ٿي رھي آھي. ستم ظريفي اها آهي ته، جن کي ڪڏهن ‘گڊ طالبان’ يا پاڪستاني پراڪس سڏيو ويندو هو، هاڻي انھن پنهنجين بندوقن جو رخ پاڪستان ڏانھن موڙي ڇڏيو آهي.

مير علي ۾ تازو خودڪش حملو، جنهن جي ذميواري حافظ گل بهادر نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هڪ گروپ اسود الحرب قبولي آھي، ان تبديلي جي علامت آهي. لشڪر اسلام، تحريڪ انقلاب اسلامي ۽ اتحاد مجاهدين پاڪستان سميت ويڙهاڪ گروپن جي اتحاد، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان، سان گڏ شهري علائقن جهڙوڪ لڪي مروت، ٽانڪ ۽ ڪلاچي ۾ پنهنجا حملا وڌائي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حڪمت عملي پوليس ۽ سرڪاري عملدارن کي منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ آهي.

جيتوڻيڪ حيات تحرير الشام ۽ افغان طالبان  ۾عملي سفارتي ۽ سياسي لحاظ سان خاصيتون گڏيل آھن.، پر اهي ھڪ ٻئي کان مختلف آهن. حيات تحرير الشام جي ابتڙ، افغان طالبان انهن ويڙهاڪ گروپن سان پنھنجا لاڳاپا ختم نھ ڪيا آھن،جن  نيٽو سان وڙهڻ ۾ سندن مدد ڪئي ھئي. ان جي بدران، اهي انهن گروپن کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

شايد افغان قيادت پراڪسي قوتن جي پائيداري کي تسليم ڪري ٿي جيڪي دشمنن تي دٻاءُ وجهڻ ۾ مفيد  ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ساڳئي وقت طالبان جي معاملي ۾ سڌي طرح شموليت کان بھ  انڪار ڪن ٿيون.ٻين رياستن کان وڌيڪ پاڪستان ۽ ايران اھو سمجهي سگهن ٿا ته پراڪسيز تي ڀروسو ڪرڻ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اهي گروهه پھرين تھ ڪجهه حد تائين مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، پر آخرڪار اهي پاڻ ئي  پنهنجا ايجنڊا ٺاهي وٺندا آهن ۽ ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏينداآهن،ائين انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ڪجهه افغان تجزيه ڪندڙن  جو چوڻ آهي ته علائقائي سياست ۾ پاڪستان جو وڌندڙ جارحاڻو انداز ۽ وچ ايشيا ۾ ان جي وڌندڙ دلچسپي طالبان کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اهي ڪنهن جي پراڪسي ٿيڻ جر  پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪرڻ چاهين ٿا،جيتوڻيڪ اهي پاڻ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ پراڪسي تي ڀروسو ڪري رھيا آھن.

روس جي طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي سببن کي سمجهڻ آسان آهي، جيڪو عملي سياست ۽ صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جو ميلاپ آهي. روس جو مقصد اولھھ  اثر و رسوخ جو مقابلو ڪرڻ، پنهنجي سرحدن کي محفوظ ڪرڻ ۽ علائقي ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. روس ان قدم کي اقتصادي سھڪار کي فروغ ڏيڻ جي هڪ طريقي طور ڏسي ٿو جنهن ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر جهڙن شعبا شامل آھن.پر اهم سوال پنھنجي جاءِ تي برقرار آھي. جڏھن ڳالھ دهشتگردي کي روڪڻ يا ٻين ملڪن کي نشانو بڻائڻ لاءِ پراڪسي گروپن کي استعمال ڪرڻ جي ھجي تھ  روس کي طالبان تي ڪيترو ڪنٽرول حاصل  آهي؟ هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي چين ۽ پاڪستان به حل  نٿا ڪري سگھن. ٻئي طرف، طالبان قيادت عالمي توقعات کي پنهنجن  ملڪي مفادن سان مطابقت ۾ رکندي محتاط انداز ۾ گيم کيڏي رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.