لياري سانحو: بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاپرواهي جو ڀيانڪ نتيجو

تحرير: غلام حسين لغاري

ڪجهه ڏينهن اڳ لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ پنج ماڙ عمارت ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو آهي جنهن ماڻهن ۾ خوف و هراس پيدا ڪري ڇڏيو آهي اهو انهيءَ ڪري جو هن عمارت جي ڪرڻ ڪري لڳ ڀڳ ٽيهارو کن رهائشي جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻار شامل آهن، اجل جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته وڏي انگ ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن.وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عمارت ڪرڻ جي اطلاع ملڻ تي سنڌ حڪومت جو ڪو به وزير ڪامورو فوري طور نه پهتو يا ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو، رڳو ڪامورن کي معطل ڪرڻ سان ڪو به انصاف ملي نه سگهندو. هيءَ سانحو ڪنهن هڪ عمارت سان واڳيل ناهي پر انهن ٽيهن خاندانن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي شهيد ٿيا آهن جن جو خاندان نه پر نسل تباهه ٿيو آهي.

ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ ڪنهن عمارت جي ڪرڻ جو هيءَ سڀ کان وڏو ۽ خوفناڪ واقعو آهي.چيو وڃي ٿو ته هي عمارت ڪافي پراڻي ۽ مخدوش حالت ۾ هئي جنهن کي بقول بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ته خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس به مليل هو، پر رهائشين پاران وقت تي خالي نه ڪرڻ سبب اهو سانحو پيش آيو.رڳو نوٽيس ڪڍڻ سان امڪاني نقصان کان بچڻ مشڪل آهي ان تي عمل به ڪرائبو آهي ۽ رهائشين جي فوري متبادل رهائش کاڌي پيتي جو بندوبست به ڪبو آهي.

سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عمارتن ڪرڻ جو هيءَ ڪو پهريون واقعو ناهي هن کان اڳ به اهڙا واقعا سامهون اچي چڪا آهن جنهن ۾ ڪجهه سال اڳ حيدرآباد مارڪيٽ ڀرسان پڻ هڪ عمارت ڊهي پئي هئي جنهن ۾ پڻ وڏي انگ ۾ رهائشي شهيد ٿيا هئا. اهڙي قسم جا ٻيا به واقعا حيدرآباد ڪراچي سکر ۾ پيش اچي چڪا آهن پر انهن جو نوٽيس سرڪاري طور بيانن تائين محدود رهيو متاثرين جي ڪنهن به قسم جي واهر نه ٿي سگهي يا کين ٻيهر اجهو ملڻ جو ڪو اطلاع سامهون آيو هجي يا متاثرين جي بحالي لاءِ انهن جي پونئيرن کي ڪا سرڪاري ملازمت ملي هجي.جيڪڏهن سروي ڪبي ته اهڙن واقعن ۾ ماضي ۾ سوين خاندان بي گهر ٿيا ۽ پنهنجيون قيمتي جانيون وڃايون آهن ۽ ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه وٺڻ ڪري مخدوش توڙي نين عمارتن ۽ گهرن ڪرڻ وارا واقعا پيش پيا اچن.

سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هن وقت به هزارن جي انگ ۾ مدت پوري ڪندڙ مخدوش عمارتون ۽ گهر موجود آهن جن ۾ لکن جي انگ ۾ماڻهو رهن ٿا ۽ مقامي انتظاميا ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ميونسپل چيئرمينن کي ڀلي ڀت خبر به آهي.ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا کي ڄاڻ به آهي پر هن وقت تائين انهن جي بحالي يا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ورتو ناهي ويو يا متاثرين کي متبادل رهائشي پلاٽ فراهم ڪري مالي معاونت ڪري کين نون گهرن تعمير ڪرڻ لاءِ ڪا خدمت فراهم ڪئي هجي.اهڙين عمارتن ۽ گهرن جي بحالي لاءِ اربين کربين رپيا گهرجن جيڪي حڪومت وٽ ناهن.حڪومت جي بي حسي چئجي جو گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري رهائشي عمارتن ۽ گهرن جي ته نئين سر اڏاوت ڪرائي.ڪراچي حيدرآباد سکر دادو ميرپورخاص مڪلي سميت ٻين هنڌن تي سوين بلڪه هزارين رهائشي گهر ۽ ڪالونيون آهن جيڪي مدت گذاري چڪيون آهن، اهڙين عمارتن ۽ گهرن تان قبضا ڇڏائڻ انهن جي مرمت ڪرائڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي رهائش لاءِ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي پر حڪومتي لاپرواهي کي به جس هجي جو اها هر ڳالهه ڏسي ٻڌي پوءِ به خاموش تماشائي بڻيل آهي.اهڙي طرح عوام جي خانگي ملڪيتن کي نئين سر بحال ڪرڻ ۽ رهائش لائق بنائڻ لاءِ پئسو گهرجي جيڪو مهانگائي جي هن دور ۾ شايد ئي ڪنهن وٽ فوري موجود هجي.هن ڏس ۾ وفاقي حڪومت هائوس بلڊنگ  فناس ڪارپوريشن کي ٻيهر فعال ڪري يا خانگي ۽ سرڪاري بئنڪن کي گهرن اڏڻ ۽ انهن جي مرمت لاءِ گهٽ وياج تي قرض فراهم ڪرڻ واري حڪمت عملي جوڙي ته جيئن مخدوش عمارتون نئين سر بحال ٿي سگهن ۽ رهائش لائق بڻجن ته جيئن انساني زندگيون بچي سگهجن.

سنڌ ۾ عمارتن ۽ گهرن ڪرڻ جا واقعا انهي ڪري به عام جام آهن جو سنڌ جو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کاتو غيرفعال بڻيل آهي يا وري ڪرپشن جو شڪار آهي جنهن تي بلڊر مافيا جو قبضو آهي.هڪ ته عمارتن جي اڏاوت لاءِ بنا ڪنهن جاچ پڙتال جي اين او سي جلد مليو وڃي يا وري نقشن موجب تعميراتي ڪم ناقص ٿئي ٿو جو ان ۾ لوهه سيمنٽ سريون گهٽ معيار جو استعمال ٿئي ٿو يا وري مقرر ماڙ کان وڌيڪ ماڙ تعمير ڪري عمارتن جو بنياد ڪمزور ڪيو وڃي ٿو جنهن سان عمارتون وقت کان اڳ ڊهيو وڃن.گهڻو ڪري عمارتون ۽ گهر زلزلا پروف تعمير نٿيو ٿين ٿوري لوڏي سان ڊهيو پٽ پئجيو وڃن.ساڳي وقت رازا رجسٽر ٿيل ناهن هوندا يا غير تجربيگار هوندا آهن جيڪي رڳو ڪم ڪڍڻ ڄاڻين کين مٽيريل ٺاهڻ جي به خبر ناهي هوندي.هر رازو مستري يا انجنيئر بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وٽ رجسٽر هجڻ گهرجي ۽ تيار ٿيندڙ عمارت جي مٽيريل جو وقت به وقت معائنو ٿيندو رهي جنهن سان ئي عمارتون مضبوط جڙي سگهجن ٿيون.

عمارتن ۽ گهرن جو وقت کان اڳ زبون ٿيڻ ۽ انهن جي تهه ڪمزور ٿيڻ جا ڪجهه ٻيا به سبب آهن جن ڏانهن رازو مستري يا انجنيئر ڪڏهن به توجهه نٿو ڏئي يا گهٽ ٿو ڏئي جنهن سان به عمارتن کي نقصان پهچي ٿو.هڪ ته مالڪ يا ڪمپني خرچ گهٽائڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ٻيو ته ڊرينيج سسٽم تي ڌيان ناهي ڏنو ويندو جنهنڪري به  پاڻي پائيپن مان ليڪ ٿي ڪري ڀتين ۾ سم ڪلر پئدا ڪندو آهي جنهنڪري به ديوارن ۽ ڇتين ۾ ڏار پئدا ٿين ٿا.هنن خامين کي به ڪڏهن نظرانداز نه ڪجي جنهن سان عمارت يا گهر زبون حالت جو شڪار ٿئي.ڪوشش اها ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ ڀيرو عمارت يا گهر جو معائنو ڪرائجي خاص ڪري برساتن بعد گهرن جي ڇت جو ڪم ڪرائجي.صرف انهن عمارتن ۽ گهرن ۾ رهائش جي اجازت ڏيڻ گهرجي جن جي بهتر تڪميل جو سرٽيفڪيٽ جاري ٿيل هجي ۽ سب رجسٽرار وڪري وقت اهي ڪاغذ ڏسي تصديق ڪري جنهن بعد ئي اسڪين ٿين.

بهرحال ڪراچي سانحو وساري نٿو سگهجي پر ان جي روشني ۾ اڳتي جو خيال ڪجي ۽ واقعي جي ذميوارن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻجي.جيڪڏهن ڪا به عمارت يا گهر مڪمل طور زبون حال آهي ۽ ان جي نشاندهي ٿي چڪي آهي ۽ نوٽيس مليو هجي ته جيستائين انجي ڪا مرمت ٿئي مضبوط ٿئي تيستائين پنهنجا ٻچڙا وٺي عمارت خالي ڪري هليا وڃن ته جيئن ڪنهن امڪاني حادثي کان بچي سگهجي.وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت گڏيل طور لياري سانحي جي متاثرين جي واهر ڪري ۽ کين رهائش لاءِ متبادل گهر فراهم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.