ماڻهو ڇا ٿا چون

تحرير: امر جليل

اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر سڏايو ۽ چيو، بجو باورا بجيٽ اسپيچ ٻڌڻ کان پوءِ بي هوش ٿي ويو آهي. مان نه ٿو سمجھان ته بجو باورا ڪافي دير تائين بي هوش رهندو. ان جي جاءِ تي تون وڃ، بجيٽ جي باري ۾ماڻهن جا رايا وٺي اچ. ماڻهن کان پڇ ته اهي بجيٽ بابت ڇا ٿا چون. مون ٿلهي اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر کي سليوٽ ڪيو ۽ چيو ”يس سر “ جھڪي ڪري مان ڪمري مان ٻاھر نڪرڻ وارو ئي هوس ته ٿلهي اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر مون کي روڪيو ۽ ٽوڪيو ”ڏس، ڊبو، پنهنجن ڦٽيچرن (ردي) جا انٽرويو ۽ رايا نه وٺي اچج “ هڪ ڀيرو ٻيهر، مون ٿلهي اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر کي سليوٽ ھنيو ۽ جهڪي سندس ڪمري مان نڪري ويس.

 اسان ڪراچي جا  پراڻا رھواسي  ُلچي قسم جي ماڻهن کي سلام ناھيون ڪندا. اسين خرانٽ ُلچن کي سليوٽ  ڪندا آهيون. ان ۾ ئي عافيت  آهي. اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر جي ڪمري مان ٻاھر اچڻ کان پوءِ مون مائيڪل کي ڳوليو. مائيڪل عرف سائيڪل اسان جي نيوز چينل جو نامور ڪئميرامين آهي. هو مانيٽرنگ ڪمري  ۾ هڪ سيٽ تي جديد ترين  ُڪشتي پروگرام يڪسوئي سان ڏسي رهيو هو. جديد ترين ُڪشتي  جي جديد ترين جمهوريت جا سر پير ناھن ھوندا. جديد ترين ُڪشتي ۾ توهان پنهنجي حريف کي ُمڪون لتون، ٿڏا،ڌڪا ڏئي سگھو ٿا.توهان چاهيو ته پنهنجي حريف کي چَڪ  به ھڻي سگهو ٿا.جديد ترين ُڪشتي جي نامور رانديگرن جا نَڪ ۽ ڪنِ ناھن هوندا.

 مائيڪل کي سندس سيٽ تان اٿاريندي مون چيو، ”چل، اٺ  ري، مائيڪل، اب يھ ديس ھوا بيگانھ“ حيرت انگيز بجيٽ جي باري ۾ حيرت انگيز تاثرات رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ھل، پنهنجي ڪئميرا سنڀالي مائيڪل منھنجي پٺيان موٽرسائيڪل تي ويھي رھيو. مون مائيڪل کي چيو، ” مون کي ٽوڪج، جيڪڏھن مان پاڻ کان وڌيڪ ڦٽيچر (ردي)شخص کان بجيٽ جي باري ۾ ڪجهھ پڇان“. ”تون فڪر نھ ڪر، استاد.“مائيڪل  چيو  ھن بيگاني شهر ۾ تو کان وڌيڪ ڦٽيچر(ردي) ماڻهن جي ھڪ خاصي دنيا آباد آهي.

هڪ چوراهي تي سگنل ڳاڙهو هو. ٽريفڪ بي چيني جي عالم ۾ رڪيل ھئي. اسان جي ڀر ۾ ھڪ پراڻي ٽيڪسي ۾  هڪ پراڻو شخص سوچ ۾ ٻڏل  ويٺو هو. ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، تنهنڪري ماڻهو اڪثر سوچ ۾ ٻڏل ملن ٿا. مون بزرگ کان پڇيو ”سر، بجيٽ جي باري ۾ توھان جو  ڇا  خيال آھي؟“ بزرگ ٽيڪسي جي دريءَ مان کٻو هٿ ٻاهر ڪڍيو. هٿ جون پنج ئي آڱريون کولي مون کي ڏيکاريون.گھٻرائي مون منھن ڦيري ڇڏيو.سگنل گرين  ٿيو.مان موٽرسائيڪل ڀڄائيندي مائيڪل عرف سائيڪل کان پڇيو، ”پوڙهو  مون کان وڌيڪ ڦٽيچر(ردي)  هو ؟“مائيڪل چيو، ”تنھنجي جوڙ جو ڦٽيچر(ردي) هو“ مون پڇيو، ”پوءِ هن مون کي  ڇو کولي ڏيکاريون ھو ؟“ مائيڪل چيو، ”هن توکي نھ بجيٽ کي ڏيکاريون ھيون“ پوءِ ڪجهه دير اڳتي هلڻ کان بعد مون موٽرسائيڪل وڃي گلن واري گهٽي ۾ روڪيو. گلن جي گهٽي ۾ هاڻي گل نه آهن، ڪنڊا وڪامندا آهن. مون ھڪ اجڙيل دڪان ۾ ويٺل شخص کان پڇيو. ”بجيٽ توھان کي ڪيئن  لڳي؟“

 بيزار لهجي ۾ ھن چيو ”جيڪڏهن منهنجو دڪان ٻيهر آباد ٿي ويو ته پوءِ سمجهندس ته بجيٽ ۾ ڪجھھ دم آهي، نھ تھ معاملو گڙٻڙ آهي“ دڪاندار پڻ ساڄو هٿ اڳيان وڌائيندي آڱريون کولي ڇڏيون. ھٿ جي ان قسم کي ديسي زبانن ۾ کليل ۽ ڀونڊو سڏيو ويندو آهي. دڪاندار چئني ۽ کليل هٿ يعني ڀونڊي ڏيڻ بعد چيو ”جڏهن مان وري ڪنڊن جي بدران گل وڪڻڻ شروع ڪندس، تڏهن سمجهندس ته بجيٽ سٺي آهي.“ گلن جي گهٽي مان ٻاھر نڪرندي مون مائيڪل کان پڇيو ”دڪاندار مون کان ٿورو گهٽ  يا ٿورو وڌيڪ ڦٽيچر (ردي) ھو ؟“مائيڪل مسڪرائيندي چيو ”دڪاندار کان وڌيڪ تون ڦٽيچر (ردي) لڳي رهيو هئين.“

 هڪ سبزي وڪڻندڙ کان مون پڇيو: ” بجيٽ بابت توھان ڇا چوندا ؟“سبزي وڪڻندڙ چيو، ”جنهن بجيٽ ٺاهي آھي.ان کان وڃي پڇو، ٻڌو آهي ته بجيٽ ٺاهيندڙن  پنھنجون رعايتون وڌائي ڇڏيون آهن.“ ٺيلھي تي ردي وڪڻندڙ ۽ خريد ڪندڙ کان مون پڇيو ”بجيٽ ڪيئن لڳي توکي ؟“ردي وڪڻندڙ ۽ خريد ڪندڙ چيو ”ڀتي خورن ڏھاڙي، هفتيوار ۽ ماهوار  ڀتي جا ريٽ وڌائي ڇڏيا آهن.“ تڏھن هڪ وڏي عمر جي عورت مون کي آواز ڏنو  ” مون کان تھ تون ڪجهه  پڇين نٿو.“ مون ُمڙي پوڙهيءَ ڏانهن ڏٺو. ” جي مان جي“ مون پڇيو ”بجيٽ جي باري ۾ ڇا ٿيون چوڻ چاهيو توھان ؟“پوڙهيءَ  پڇيو ”بجٽ ٺاهيندڙن ايم بي بي ايس جي سالياني فيس 18 لک رپيا ڇو رکي آهي؟ ايترن پئسن ۾ ٺاھيل ٺڪيل  ڊاڪٽر ملي ٿو وڃي.“

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.