ٽنڊوالھيار جي بچاڻي خاندان مان ستار بچاڻي نالي ھي ڳڀرو پنهنجي جواني ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ٿيو. شامل به اھڙو ٿيو جو آخري ساهه تائين ساٿ جي جوڙيل زنجير کي مضبوطي سان جهليو ويٺو رهيو. ڪيترا ڏکيا دور آيا جيلن جون صعوبتون پيش آيون پوليس جا گهيرا ٿيا، جنهن جي ڪري ڪيترن سياستدان حالتن کي ڏسندي پارٽيون بدلايون پر بچاڻي پنهنجي پارٽي جي فيصلن تي اٽل بيٺو رھيو. اها سچائي بهادري ۽ وفاداري پارٽي قيادت کي پسند آئي جنهن ڪري ڀٽو جي پارٽي سان وفادار ڪارڪنن واري لسٽ ۾ ھن ڪارڪن جو نالو به شامل رهيو. جيڪو اڳتي ھلي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مخلص ڪارڪنن جي فهرست ۾ به شامل ڪيو ويو.
عبدالستار بچاڻي پنهنجي سياست عام ڪارڪن طور شروع ڪئي اهو ئي سبب آهي جو ھن جون پارٽي جي مضبوطي لاءِ وڏي جاکوڙ ڏسجي ٿي.پ پ ۾ عبدالستار بچاڻي جهڙي ۾ ورڪر جي خدمتن عيوض پاڻ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. ريونيو وزير ٿيو ۽ سنڌ توڙي پارٽي لاءِ بهتر ڪم ڪيا. پارٽي چيئر پرسن کيس قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ سان نوازيو. اھڙي ريت ٽنڊوالهيار جي سياست مان سنڌ ۽ ملڪي سطح جي سياست توڙي حڪومتي معاملن ۾ ستار بچاڻي جي اھميت تسليم ڪئي وڃي ٿي.
پنهنجي حلقي جي عوام سان مثالي رابطي لاءِ پاڻ ٽنڊوالھيار جي آفيس ۾ موجود رهندو ھو جتي پارٽي معاملن سميت عام ووٽرن جا ڏک سور ٻڌي سندن مدد ڪندو ھو. تقرير جو آواز به شينهن جي گجگوڙ وانگر محسوس ٿيندو ھو. پاڻ راڄائتو شخص ھو برادرين وچ ۾ ناراضگين يا تڪرارن تي سندن فيصلا به ڪندو ھو ڇو جو ماڻهن جو مَٿس ويساھ ھوندو ھو. ڪيترن راڄ ڀاڳ جي بزرگن سياسي ورڪرن ۽ عام ڪارڪن کي نالن سان سڃاڻيندو ھو. شادي غمي ۾ پيش پيش رهيو. پ پ جي ھن برجستي سينئر تجربيڪار اڳواڻ جو اوچتو وڇوڙو سياسي، سماجي ۽ راڄوڻي طور وڏو خال پيدا ڪيو، جيڪو ڀرجڻ ڏکيو آهي.