ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي چئلينج ۽ سوشل ميڊيا جو ڪردار

تحرير: محمود عالم خالد

پاڪستان ۽ ھندستان تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي طور تي پاڻ ۾ گھري طرح ڳنڍيل  ھئڻ باوجود تڪرار، بي اعتمادي ۽ ڇڪتاڻ  ۾ ورتل رھيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ واري  سرحد تي ڪنڊيدار تارون وڇايل آهن، پر قدرتي مسئلا، خاص طور تي موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينج، انهن سرحد جا پابند نھ آھن. هوائي گندلاڻ، پاڻي جي کوٽ، ھيٽ ويوز ، سامونڊي طوفان جا خطرا، طوفان جي برساتن ۽ گليشيئر جي رجڻ جهڙا مسئلا ٻنهي ملڪن جي شهرين کي برابر ۽ سخت متاثر ڪري رهيا آهن. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۽ هندستان هڪ ڊگهي مدت جي موسمياتي بحران جي گرفت ۾ آهن، جيڪو  انهن جي ماحولياتي، معاشي ۽ سماجي ڍانچي تي گهرو اثر وجهي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا اسان کي ھڪ نئون موقعو مھيا ڪري ٿو تھ اسان  پنهنجن اختلافن کي پوئتي رکي، هڪ  گڏيل  ماحول دوست مستقبل ڏانهن اڳتي قدم کڻون.

گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (UNEP) جي رپورٽ ”ڏکڻ ايشيا ماحولياتي آئوٽ لُڪ 2024“ موجب ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي بحران جي شدت خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ”هندستان ۽ پاڪستان جي شهري علائقن ۾ هوائي گندلاڻ عالمي معيارن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جنهن  ڪري هندستان ۾ هر سال ڏھھ لک سٺ ھزار  ۽ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ھڪ لک 35 ھزار ماڻھون  موت جي منھن ۾ ھليا ٿا وڃن.“  ان سان گڏوگڏ گنگا ۽ سنڌو دريائن جي گندلاڻ، زميني پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت ۾ ڪيميڪلز جي وڌيڪ استعمال صورتحال کي اڳي کان وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو آهي. بدقسمتي سان، ٻنهي ملڪن  وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ماحولياتي سھڪار کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا رابطي جو هڪ نئون پل ثابت ٿي سگهي ٿو.

2024 جي ڊيٽا موجب هندستان ۾ 467 ملين  ۽ پاڪستان ۾ 71 ملين سوشل ميڊيا صارفين آھن. اهي نوجوان صارفين  انسٽاگرام، ٽوئيٽر، يوٽيوب ۽ فيس بڪ ذريعي عالمي ۽ مقامي مسئلن تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهن پليٽ فارمن کي اثرائتي نموني استعمال ڪيو وڃي  ته اهي ماحول جي حفاظت ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو بڻجي سگهن ٿا.

اسان وٽ اهڙا ڪيترا  ئي مثال موجود آهن، مثال طور، نوجوانن هيش ٽيگ ذريعي سرحد پار ماحولياتي يڪجھتي جو اظهار ڪيو آھي. يوٽيوب چينل جهڙوڪ ”انڊيا ٽوگيدر  پاڪستان“  ماحولياتي مسئلن تي مثبت ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏني. مختلف اين جي اوز آن لائن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ذريعي عام ماحولياتي حل ڳوليا. عالمي سطح تي بھ ڏٺو وڃي تھ  سوشل ميڊيا ٽڪرائيندڙ گروپن کي ماحولياتي مسئلن تي متحد ڪيو.جيئن  فلسطيني ۽ اسرائيلي نوجوان ”ايڪو پيس مڊل ايسٽ “ذريعي پاڻي جي تحفظ تي گڏجي ڪم ڪيو. چين ۽ هندستان جي ڊجيٽل مهمن سرحد پار ماحولياتي خطرن تي ڌيان ڏنو آهي. گڏيل قومن جي ”ڪلائيميٽ ايڪشن ناؤ“ جهڙن عالمي پروگرامن سوشل ميڊيا کي اثرائتي ماحولياتي سفارتڪاري جو ھڪ ذريعو بڻايو.

اها ڳالھھ پنھنجي جاءِ تي درست آهي ته جتي موقعا موجود ھوندا آهن، اتي چئلينج پڻ ھوندا آهن. ڪجهه گروهه تعصب ۽ دشمني کي هٿي ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ماحول ۽ موسمياتي تبديلي بابت بي بنياد خبرون ۽ سازشي نظريا ماحولياتي دوستي جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ڪمزور ڪن ٿا، گڏوگڏ  ڪڏهن ڪڏهن حڪومتون  رياستي سينسرشپ ذريعي آن لائن گفتگو تي پابنديون لاڳو ڪنديون آهن.

اسان جا پاليسي جوڙيندڙ  اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ گڏيل ماحول دوست مستقبل کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي سگهن ٿا، جهڙوڪ ماحولياتي يوٽيوبرز، ٽڪ ٽاڪرز، ۽ انسٽا ايڪٽوسٽس کي ڊجيٽل آگاهي ۽ تحقيق تي ٻڌل تربيت ڏني وڃي. پاڪستان ۽ هندستان جا شاگردن، محققن ۽ ڪارڪنن  وچ ۾ ورچوئل ڪلائيميٽ ڪانفرنسون منعقد ٿيڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن جا نوجوان فلم ساز ماحولياتي ڊاڪومينٽريز ۽ سوشل ميڊيا سيريز ٺاهي سگهن ٿا جهڙوڪ ”ساھ ھڪ، شھر ٻھ“ يونيورسٽيون ماحولياتي ۽ سوشل ميڊيا جي تحقيق کي هٿي ڏئي سگهن ٿيون ۽ بين الاقوامي تحقيقي گرانٽ حاصل ڪري سگهن ٿيون UNEP، SAARC ۽ ٻيا عالمي ادارا  ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا جي آگاهي مهمن کي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪري سگهن ٿا.

اسان کي جلد کان جلد اهو سمجهڻ  جي ضرورت  آھي ته ڏکڻ ايشيا جي ماحولياتي بقا هاڻي ٻنهي ملڪن جي بقا جو سوال آهي. سوشل ميڊيا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو روايتي سفارتي دروازا کولڻ  بنا  دلين کي ڳنڍي سگهي ٿو. نوجوانن جو آواز  جيڪڏهن ماحولياتي انصاف، پاڻي جي حفاظت ۽ صاف هوا لاءِ  بلند ڪيو وڃي تھ، نه رڳو ڇڪتاڻ  گهٽجي سگهي ٿي، بلڪھ ھڪ بهتر، گڏيل مستقبل جو بنياد به رکي سگهجي ٿو.

هاڻي پاڪستان ۽ هندستان جو مستقبل جنگ يا سياست ذريعي نه پر گڏيل ماحولياتي خطرن ذريعي طئي ڪيو ويندو. دريائن جو پاڻي، آلوده هوا، گرم موسم ۽ ختم ٿيندڙ حياتياتي قسم، نمونا پڻ انهن مسئلن ۾ شامل آهن جن جون ڪي به سرحدون نه ھونديون آھن.

 جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جا نوجوان سوشل ميديا کي نفرت جي بدران سوچ سمجھه ۽ بصيرت جو ذريعو بڻائين. ته  اهي نه رڳو ماحول کي بچائي سگهن ٿا بلڪھ دشمني جي باھ کي بھ وسائي سگھن ٿا. اڄ اسان کي جنگ جي ٻولي سان  نه پر هوا ۽ پاڻي جي ٻولي سان ڳالهائڻو آهي ۽ سوشل ميڊيا اسان کي نفرت جي شور جي وچ ۾ ماحول جي حق ۾ هڪ نئون گيت ڳائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. سوشل ميڊيا جيڪو ڪالھه تائين تفريح جو ذريعو هو، اڄ اسان جي هٿن ۾ هڪ طاقتور هٿيار آهي، پيار، شعور ۽ گفتگو جي لاءِ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.