نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ ڳوٺاڻن جادو ڦيڻي جي الزام هيٺ هڪ ئي خاندان جي پنجن ماڻهن کي قتل ڪري سندن لاش ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي پوليس ٻڌايو ته بهار ۾ ڳوٺاڻن مبينا طور جادو ڦيڻي جو الزام لڳائي هڪ خاندان جي پنجن ماڻهن کي تشدد ڪري قتل ڪيو ۽ سندن لاش ڍنڍ ۾ ڦٽا ڪيا.
اتر رياست بهار جي پوليس جي بيان مطابق ٽي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
قتل ٿيلن ۾ ٽي عورتون شامل آهن، جن ۾ هڪ 75 ورهين جي پيرسن به هئي.
اهو افسوسناڪ واقعو هڪ نينگر جي موت کانپوءِ پيش آيو، جنهن جي پيءُ مک جوابدار پوليس کي بيان ڏنو ته سندس پٽ جو موت انهن مان ڪنهن هڪ شخص جي ڪري ٿيو، جن کي هن ماريو آهي، هن انهن تي جادو ڦيڻي جو الزام به هنيو.
قاتل ۽ مقتول سڀ اورائون قبيلي سان تعلق رکندڙ آهن.
Next Post
You might also like