ڪراچي(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان نيب جي ڪال اپ نوٽيس ۽ انڪوائري خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويو، جنهن بعد عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ايس پي ايس سي خلاف انڪوائري کان روڪي ڇڏيو آهي،عدالت انڪوائري آفيسر کان شڪايت ۽ لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو،اڳوڻي تحقيقاتي آفيسر جي راءِ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڊي جي نيب سميت ٻين ڌرين کي 21 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، وڪيل راج علي واحد موجب 2018 جي امتحانن جي متاثر اميدوارن پاران مختلف عدالتن سان رجوع ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ 2018 جي امتحانن کي درست قرار ڏيندي، هاءِ ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا هئا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب ايس پي ايس سي خلاف انڪوائري بند ڪئي هئي، پر اوچتو 3 سال بعد نيب پاران 2018 جي امتحانن جي ٻيهر انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي،نيب طرفان 24 جون تي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو ويو، ۽ اميدوارن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، درخواستگذار عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته نيب جي غيرقانوني انڪوائري کي روڪيو وڃي ۽ اُميدوارن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
-
ڪراچي ۾ ظفر عباس جي نالي سان رجسٽرڊ ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا زخمي
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ تيز رفتاري سبب پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ ويگو گاڏي موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن کي ٽڪر هڻي ڪڍي،جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي نوجوانن کي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي بعد گاڏي ۾ سوار ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته گاڏي جي نمبر پليٽ واقعي واري جاءِ تي ڪري پئي، ذريعن مطابق ويگو گاڏي ناليواري سماجي تنظيم جي ڊي سيجي سربراهه ظفر عباس جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل آهي، حادثي جي اطلاع ملندي ئي ظفر عباس پنهنجي ٽيم سان گڏ واقعي واري جاءِ تي پهچي ويو، موقعي تي موجود نوجوانن الزام هنيو ته ظفر عباس جي ٽيم ڪجهه ماڻهن کان جيڪي حادثي جي ويڊيو ٺاهي رهيا هئا، انهن جا موبائيل فون کسيا، حادثي جي اطلاع تي سمن آباد پوليس به واقعي واري هنڌ تي پهتي، جڏهن ته ظفر عباس زخمي نوجوانن کي هڪ نجي اسپتال ۾ منتقل ڪرايو، ظفر عباس جو چوڻ هو ته حادثي وقت موٽر سائيڪل سوار نوجوانن وٽ هيڊ لائٽ نه هئي، جنهن سبب ٽڪر پيش آيو، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ انهن جو پورو علاج ڪرائبو، حادثي وقت گاڏي سندس آفيس جو هڪ ملازم برف وٺڻ لاءِ وٺي ويو هو، ٻئي طرف ڊفينس، نارٿ ناظم آباد ۽ منگهو پير جي علائقن ۾ به 3 ڌار ڌار حادثا پيش آيا.
-
لاهور ۾ ٽريفڪ پوليس مريم نواز جي پٽ جي سيڪيورٽي گاڏي تي ڪارا شيشا هئڻ تي چالان ڪٽي ڇڏيو
لاهور(بيورو+م ڊ)لاهور جي جوهر ٽائون ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي سيڪيورٽي گاڏي تي ڪارا شيشا لڳل هجڻ سبب ٽريفڪ پوليس پاران چالان ڪيو ويو، ٽريفڪ وارڊن طرفان معمولي چيڪنگ دوران گاڏي روڪيو ويو،قانون جي ڀڃڪڙي تي گاڏي جو چالان ڪٽيو ويو، گاڏي تي ڪارا شيشالڳل هجڻ قانوني طور غير قانوني قرار ڏنو ويو،هوڏانهن ردعمل ڏيندي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پوليس ٽيم کي ساراهيو، ٽيم انچارج شاهزيب ۽ اهلڪارن پرويز، حيدر، مجاهد کي شاباش ڏني، مريم نواز چيو توهان قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو، اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، هي قدم قانون جي برابري جو واضح مثال آهي، جتي بااثر ماڻهن جي گاڏين تي به برابر قانون لاڳو ڪيو پيو وڃي.