حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ پرهه سومرو ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بندن جي مرمت تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا، ان باوجود برساتن کان اڳ ئي بندن کي گهارا لڳي رهيا آهن پيپلز پارٽي عالمي امداد هڙپ ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کي ٻوڙائڻ جي سازش ڪئي آهي، حيدرآباد ڀرسان نيو ڦليلي ڪئنال کي لڳل 55 فوٽ گهاري پيپلز پارٽي سرڪار جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ کي ظاهر ڪيو آهي. آبپاشي کاتي ۽ ميونسپل ڪميٽين جون بجيٽون پيپلز پارٽي جي وڏيرن جي اوطاقن تي خرچ ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته ڪرپشن، ڪوتاهيون ۽ غفلت ڪندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.