ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لائن لاسز جيبنياد تي شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت 25 جولاءِ تي نيپرا جي ريجنل هيڊ کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت جماعت اسلامي پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس فيصل ڪمال عالم چيو ته اسين سڀ ان ئي شهر ۾ رهون ٿا، شهر ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪهڙي طرح سان ٿي رهي آهي سڀ ڪجهه ڄاڻيون ٿا، جيڪو ڪجهه ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ ڪري رهي آهي اسين سڀ ڪجهه سمجهون ٿا، شهرين جي تڪليف جو اندازو آهي، پر اهو ڪيس آئيني بينچ جي سامهون وڃڻ گهرجي ها، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ريگيولر بينچ پهريون به اهڙي نوعيت جا ڪيس ٻڌي چڪي آهي، اسين ڊڪلريشن چاهيون ٿا حڪم نٿا چاهيون، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي لوڊشيڊنگ جي برعڪس 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، درخواست گذارن نيپرا کي شڪايت ڪئي پر هن مهل تائين شڪايت تي فيصلو ناهي ڪيو ويو، وڪيل پاران عدالت کان استدعا ڪندي چيو ويو ته ناجائز لوڊشيڊنگ تي نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي، داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اعلي’ عدالتون چئي چڪيون آهن ته آئين تحت بجلي عوام جو بنيادي حق آهي، پر ڪي اليڪٽرڪ آئيني ۽ قانوني ڪا به پابندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، وفاقي حڪومت کي آئين تحت شهرين کي بجلي جي فراهمي ۽ پيداوار جو زميوار قرار ڏنو ويو آهي،نيپرا پهريون ئي اهو قرار ڏئي چڪي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران لوڊشيڊنگ قانون خلاف آهي،ڪي اليڪٽرڪ لائن لاسز جي تناسب سان لوڊشيڊنگ ڪرڻ سبب اهي صارفين به متاثر ٿي رهيا آهن. جيڪي باقاعده بل ادا ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.