لياري سانحو:ايس بي سي اي سربراهه معطل،انتهائي زبون حال عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم، سنڌ سرڪار ۽ اسين سڀ هن سانحي تي غمگين آهيون. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ واقعي جو نوٽيس وٺندي فيصلو ڪيو ويو ته ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾  گھر  معاملن واري وزير ضياءُ  الحسن لنجار ۽ مڪاني ادارن ۽ پروھئي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمارچاوله سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير فوري طور تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ٻه ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. پريس ڪانفرنس دوران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪميٽي جي سربراهي ڪمشنر ڪراچي  ڪندو ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جون 51 انتهائي زبون حال عمارتون فوري طور ڊاهيون وڃن. وڌيڪ 588 زبون عمارتن جي به ڪمشنر ڪراچي جي نگراني هيٺ جانچ ڪئي ويندي ته جيئن خطرناڪ عمارتن کي وقت سر خالي ڪري ۽ ڊاھي سگھجي. سعيد غني چيو ته لياري جي متاثر ٿيل خاندانن کي في فرد 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 2022 کان متاثر علائقي ۾ مقرر ڪيل سمورن آفيسرن کي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ جنهن آفيسر جي لاپرواهي ثابت ٿي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. گهرو وزير ضياءُ  الحسن لنجار به واقعي کي "هڪ وڏو الميو” قرار ڏيندي چيو ته مجرماڻي ڪوتاھي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين گرفتار ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊز ۽ سنڌ سرڪار جا پنهنجا پنهنجا قانون آهن، اڄ وڏي وزير چيو  آھي ته جيڪو به ملوث هجي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچين آباديءَ کي ڏسي رهيا آهيون، سنڌ ۾ ست سئو چاليھھ عمارتون اهڙيون آهن جن کي ٿوري گهڻي مرمت جي ضرورت آهي، ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، اسان ڪورونا ۽ ٻوڏ  دوران بھ متاثرن لاءِ به بندوبست ڪيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتون هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ ايس بي سي اي جي ذميواري آهي ته اھڙين اڏاوتن کي روڪين. هن چيو ته ايس بي سي اي جي قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي ۽ ٻن هفتن ۾ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن غير قانوني اڏاوتن ۽ زبون عمارتن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اهو به غور ڪري رهي آهي ته عمارتون ڊاهڻ جو اختيار ايس بي سي اي کي ڏنو وڃي يا ڪنهن نجي اداري حوالي ڪيو وڃي. ڪميٽي جي سفارشات کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ضرورت پئي ته ان تي به عمل ڪيو ويندو.

هڪ شخصيت جا ويجها لغاري ڀائر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي قابض

اوٽاوا/ڪراچي (حنيف دوامي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي اسحاق کهڙي کي ظاهر طور تي ذميوار سمجهيو پيو وڃي پر هو رڳو ڊمي آهي، کيس ٻيون ڀيرو پوسٽنگ به ان لاءِ ڏياري وئي جيئن هو ڦرلٽ ڪري سگهي. هڪ صوبائي وزير جي منٿن تي کيس ٻيهر ڊي جي لڳايو ويو. ڊي جي جي چارج وٺڻ کان اڳ کيس ڪجهه شرط مڃڻا پيا. کيس اهم سياسي شخصيت جي ويجهي مصطفيٰ لغاري سان ملاقات لاءِ چيو ويو جنهن کيسهدايت ڪئي ته هو سنڌ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ئي ملازم نياز لغاري جي هدايتن موجب ڪم ڪندو. يعنيٰ ڊي جي هجڻ جي باوجود اسحاق کهڙي کي پنهنجي ماتحت ملازم جي هدايتن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو، اهو شرط رکيو ويو ته 4 ارب رپيا ماهوار مٿي پهچائڻا آهن ٻيا جيڪي بچندا هو ورهائي ونڊي گهر کڻي ويندا ۽ اهي سڀ شرط اسحاق کهڙي مڃي ورتا جنهن کانپوءِ هن چارج وٺي ڪم شروع ڪيو. ان دوران ڪراچي ۾ ٽئين عمارت ڪري آهي، لياري ۾ عمارت ڪرڻ سبب 30 ڄڻا فوت ٿي ويا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موت ورهائي رهي آهي. ڪچين آبادين ۾ هر عمارت کان هڪ ڪروڙ ۽ هڪ اپارٽمينٽ، سٺين ڪالونين ۾ هر عمارت کان 6 ڪروڙ ۽ 2 اپارٽمينٽ ورتا ويندا آهن ۽ اهڙي ريت غيرقانوني عمارتن جي اجازت ڏئي هو 4 ارب رپيا ماهوار جو ٽارگيٽ پورو ڪري سگهندا آهن. لغاري ڀائر اهم سياسي شخصيت سان ويجها لاڳاپا هجڻ سبب سندس نالو استعمال ڪري اداري تي قبضو ڪري ويٺل آهن پر سندن خلاف اڄ تائين ڪا جوڳي ڪارروائي ناهي ٿي، رڳو کين بدلي ڪيو وڃي ٿو يا معطل ڪيو وڃي. نبيل گبول چيو ته ڊي جي اسحاق کهڙو ڊان بڻيل آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪريو ته مٿان فون اچي ويندي آهي، سندس سفارش ڪئي ويندي آهي.

ڇا هاڻ سعيد غني کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪجي؟: نبيِل گبول

ڪراچي(پورٽر) پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر نبيِل گبول لياري جي علائقي بغدادي ۾ رهائشي عمارت جي ڪرڻ تي واقعي تي ذميوارن کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، واقعي واري هنڌ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته متاثر عمارت ٺاهڻ واري بِلڊر خلاف صرف مقدمو داخل ڪرائڻ ڪافي ناهي، پر ان کي گرفتار به ڪرايو ويندو، جيئن انصاف جي تقاضا پوري ٿي سگهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي هڪ بدعنوان ادارو آهي، ان جو ڊي جي فون به اٽينڊ نه ٿو ڪري، ڇا هاڻ سعيد غني کان به استعيفيٰ جو مطالبو ڪجي؟ چوندا آهن ته ايس بي سي اي جو ڊي جي ته ڊان آهي، جيڪڏهن ان کي ڪجهه چيو ته مٿان کان فون اچي ويندو.

لياري جا متاثر بي يارومددگار،وڏا وڏا ماڻهو رڳو پنهنجي مشهوري ۾ رڌل

ڪراچي (نويد زبيري) لياري ۾ عمارت جو ملبو هٽائڻ وارو آپريشن ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ختم ڪيو ويو. 27 ڄڻا فوت، 11 زخمي ۽ ڪيترائي بي گهر ٿي ويا. بي گهر ٿيلن کي محلي وارا ماني آڻي ڏئي رهيا آهن. آپريشن دوران ڪو جيئرو ماڻهو نه ڪڍي سگهيا. جيڪڏهن وڌيڪ عمارتون ڪري پون ته پوءِ ته مهينو لڳي ويندو. وڏا وڏا ماڻهو ايندا ويندا رهيا پر ڪنهن هڪ ديڳ به کائڻ لاءِ نه آندي. ان لاءِ ماڻهو گهر خالي ناهن ڪندا ته هو ڪيڏانهن ويندا. ڀلا اوهان ايڌي، سيلاني ۽ ڇيپا تي ئي شهر کي ڇڏي ڏيو. هن عمارت هيٺان سيمو ٿي رهيو آهي، مهينن کان سيوريج جو پاڻي گذري رهيو هو، هي زمين ڪرڻي هئي پر سيوريج جي پاڻي جي ڪري جلدي ڪري پئي. پيپلزپارٽي اربين رپيا لياري لاءِ ڏئي ٿي پر ڇا ڪئي اکين سان وڃي ڏسي ٿو ته اهو خرچ ڪٿي ٿيو؟ نبيل گبول سعيد غني کان استعيفيٰ طلب ڪئي ڇا سعيد غني استعيفيٰ ڏيندو؟ نبيل گبول پاڻ ئي چيو ته هو نه ڏيندو. هن اهو به چيو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪير به هٽائي نه سگهندو ڇو ته خاص فون ڪالون اچي وينديون آهن. حڪومت يا ته متاثرن کي گهر ڏئي يا ته سڌو چئي ڇڏي ته اسان نٿا ڏئي سگهون ڪي سرندي وارا اڳتي اچن. متاثرن وٽ هر ڪو اچي پنهنجي مشهوري ڪري رهيو آهي ۽ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر کاڌو به ڪير ناهي پهچائي رهيو. علائقي واسين کي به سلام آهي جيڪي نيرن به متاثرن سان گڏجي اچي ڪن ٿا. هي غريب آهن پر گڏجي کائين ٿا. بيورو ڪريسي پيپلزپارٽي کي تباهه ڪري رهي آهي، پ پ جي ذميوارن کي سوچڻ گهرجي. انهن ماڻهن جو پ پ سان واسطو ئي نه هو، اهي حقيقت ٻڌائين نٿا ۽ سڀ ٺيڪ آهي جي رپورٽ پهچائين  ٿا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر صاحبه کي وڃڻ گهرجي، وڏو وزير ته ويو آهي ته کيس پارٽي مان به فنڊ ڪڍي ڏيڻ گهرجي، سندن کاڌي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، ٻين زبون عمارتن کي به خالي ڪرائي سندن رهائش جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سي ايم هائوس جي هڪ رٽائرڊ سڪيورٽي آفيسر جي فون تي گلبرگ ۾ عمارت ڊاٿي وئي هئي ڇو ته سڀ ڪو فائدي لاءِ ويندو آهي، ڪير لياري ڇو ويندو، اتي کين فائدو نه پر ابتو گاريون ٻڌڻيون پونديون.

27 فوتگين تي حڪومتي بي حسي، سنڌ حڪومت کان بلاول پڇاڻو نه ڪيو؟

اسلام آباد (سيد عمران شفقت) عجيب حالت آهي ته ڪراچي ۾ زبون حال عمارتن جي ڪري 27 ماڻهن جي جاني نقصان بعد سنڌ جي وڏي وزير آخرڪار اجلاس گهرايو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪي عمارتون ناقابلِ رهائش آهن، انهن کي ڊاهي پٽي ڇڏيو ويندو. پر سوال اهو آهي ته اهو فيصلو هاڻي ياد ڇو آيو؟ ڇو نه پهريان قدم کنيا ويا؟ڪراچي جا اڳوڻا ۽ موجوده ڪمشنر۽ انهن جو عملو پاڻ انهن غير قانوني عمارتن جي اڏاوت ۾ ملوث آهن، ته پوءِ اهي ئي ماڻهو هاڻ ڪيئن غير قانوني عمارتن جي سروي ڪري سگهندا؟ عوام ۾ هاڻ ان تي سوال اٿڻ لڳا آهن. گذريل ڏينهن اهو سوال اٿيو ته بلاول ڀٽو زرداري صاحب ڪراچي جي المناڪ واقعي تي ڪابه کُلي مذمت يا سنڌ حڪومت کي ڇنڊ  ناهي پٽي، بعد ۾ پنجاب مان هڪ جذباتي ڪارڪن بلاول جا ٽوئيٽس موڪليا، جن ۾ "افسوس” جو اظهار ته هو، پر "ڇنڊ پٽڻ واري ڳالهه” نه هئي. مطالبو آهي ته بلاول سنڌ حڪومت کي جهڙي ريت اڳ ماضيءَ ۾ "سامهون اچو” چيو هو، اڄ به سختيءَ سان ذميواري جو تعين ڪن. نه صرف بلاول، پر آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو کان به اها ئي اميد آهي.اسان وٽ ڪنهن به حادثي بعد ڪا به ذميواري قبول نه ڪئي ويندي آهي. مثال طور عمران خان جي حڪومت ۾ جڏهن ٽرين حادثو ٿيو، ته شيخ رشيد چيو هو ته مان ته ريل هلائي نه هلائي پوءِ ڪهڙي ذميواري؟اقتدار سان چنبڙيل رهڻ جو ڪلچر اسان جي سياست جي وڏي تڪليف آهي. استعيفيٰ ڏيڻ کي ڪمزوري سمجهيو ويندو آهي، ذميواري قبولڻ جو حوصلو ڪونه ٿو ملي.

زبون عمارتون ڊاهڻ لاءِ آپريشن، ٻه عمارتون خالي ڪرايون ويون

ڪراچي(رپورٽر) لياري ۾ پنج ماڙ عمارت ڪرڻ سبب 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد سنڌ بِلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارا حرڪت ۾ اچي ويا، ايس بي سي اي جون ڊيموليشن ٽيمون زبون ۽ خطري جو شڪار عمارتون ڊاهڻ لاءِ ڪارروائي ۾ لڳل آهن، ٽيمَن سان گڏ پوليس جي وڏي نفري به موجود آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪريل عمارت سان گڏ ٻيون 2 عمارتون خالي ڪرايون پيون وڃن، جيڪي 5 ۽ 6 ماڙ تي ٻڌل آهن، متاثر ٿيل عمارتن جا رهواسي پنهنجن گهرن مان سامان ڪڍي رهيا آهن ۽ سامان جي منتقلي بعد ٻنهي عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، اسسٽنٽ ڪمشنر لياري، شهريار حبيب چيو آهي ته بغدادي ۾ ٽئين عمارت جو به جائزو ورتو ويندو.

شاهه مير ڀٽو ڊي جي ايس بي سي اي مقرر

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ حڪومت جي حڪم تي شاهه مير خان ڀٽو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جو عهدو سنڀالي ورتو آهي، هو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو 20هين گريڊ جو سينيئر آفيسر آهي ۽ اڳوڻو سيڪريٽري، چيف منسٽر انسپيڪشن، انڪوائري ۽ امپليمينٽيشن ٽيم طور ڪم ڪري چڪو آهي، ڊائريڪٽر جنرل شاهه مير ڀٽو جي ايس بي سي اي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي سينيئر ڊائريڪٽرز سندس آجيان ڪئي، جنهن بعد هن سڀني شعبن جي ڊائريڪٽرن ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ هدايتون جاري ڪيون، هن چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف شفاف ۽ مڪمل ڪارروائي جاري رهندي، خطرناڪ عمارتن جي نئين سروي ڪئي وڃي ۽ فوري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.ضلعي انتظاميه سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي خط موڪليو وڃي، ميدان ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ سروي اسٽاف کي ضلعي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي سخت نگراني ۽ بروقت ايڪشن جو پابند ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.