اسلام آباد (اسد طور) ماڻهو دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ملڪ رياض جي ڊيل ٿي وئي آهي، معاملا طئي ٿي ويا آهن، اعزاز سيد جي خبر هئي ته محسن نقوي ۽ ڊي جي ايم آءِ سرگرم هو. حماد حسن ۽ ٻين جون خبرون آهن ته آصف علي زرداري ۽ اياز صادق ۽ ٻيا سرگرم رهيا آهن. ملڪ رياض ڪراچي اچي ترسندو، سڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ اسلام آباد اچي ويندو. اعزاز سيد موجب هن خط لکي معذرت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو شهيدن لاءِ 3 هزار ڪنال زمين ڏيندو. جيڪڏهن اها ڳالهه سچ آهي ته ڊيل ٿي وئي آهي ته پوءِ ڇا آرمي چيف به ائين ٿيڻ ڏئي رهيو آهي؟ ڇا ائين 3 هزار ڪنال زمين عيوض ٿي رهيوآهي؟ ملڪ رياض دعوائون ڪندو آهي ته جيڪڏهن فوج ۾ ڪو ترقي ماڻيندو آهي ته سڀ کان پهريان فون مون کي ايندي آهي ته ان کي بحريه ٽائون ۾ هڪ سٺو پلاٽ ڏيو. عدالت ۾ ڪو جج لڳندو آهي ته پلاٽ گهريو ويندو آهي. رٽائرڊ فوجي آفيسر به بحريه ٽائون ۾ ملازم لڳي ويندا آهن. ڇا ملڪ جو اهو نصيب آهي ته جيڪڏهن ڪو رشوت ڏئي ته ان جا سڀ معاملا ڪليئر ٿي ويندا؟ ملڪ رياض کان پهريان 460 ارب ته وٺي ڏيو جيڪي هن عدالت ۾ چيو هو ته مان ڏيندس.