ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس محمد جنيد غفار اڄ سنڌ هاء ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، ان حوالي سان نوٽيفڪشن به جاري ڪيو ويو آهي، جسٽس محمد جنيد غفار کي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري اڄ حلف کڻائيندو، جڊيشل ڪميشن جي سفارش کان پوءِ قانون واري وزارت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتی جسٽس محمد جنيد غفار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ کی چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ رکي وئي آهي. حلف برداري تقريب ۾ سنڌ هاء ڪورٽ جا ججز ، سنڌ هاء ڪورٽ بار، ڪراچي بار، ملير بار، سنڌ بار ڪائونسل جا اڳواڻ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ سينئر وڪيل شرڪت ڪندا.