پيرجوڳوٺ (رپورٽ:وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ صادق ڪانهر ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان تيمور ولدرحيم بخش ڪانهر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سندس چاچو علي اصغر ڪانهر گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيا آهن جتان زخمي کي خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن بشير احمد ڪانهر جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان جوابدارن فائرنگ ڪري ڀاء کي قتل ڪيو آهي ۽ چاچي کي زخمي ڪيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف پيرڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو سڱاوتي تان پيش آيو آهي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ زخمي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائيون ڪري رهيا آهيون، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.