خيرپورجي پوليس ٽريننگ سينٽر ڀرسان ماتمي جلوس مان موٽندڙ نوجوان قتل

خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) خيرپور ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر جي ويجهو محرم الحرام جي ماتمي جلوس مان واپسيدوران نامعلوم هٿياربندن وحشياڻي فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇانجي ويو آهي تفصيل موجب مقتول ضمير ولد بهار رند ماتمي جلوس مان پنهنجي گهر واپس وڃي رهيو هو ته ان دوران پوليس ٽريننگ سينٽر ڀرسان اڳ ئي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس نشانو بڻايو ۽ مٿس سڌي فائرنگ ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا عيني شاهدن موجب فائرنگ ايتري اوچتو ۽ شديد هئي جو مقتول کي سنڀلڻ جو به موقعو نه مليو ۽ هو ٿڏي تي رت ۾ لت پت ٿي ڪري پيو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو پوليس طرفان چيو ويو آهي ته قتل ۾ ملوث هٿياربندن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ علائقي ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته امڪاني جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا به هڻيا پيا وڃن هوڏانهن مقتول جي قتل واري واقعي بعد علائقي واسين ۾ ڏهڪاءُ ڇانجي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.