لياري سانحي ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊي سي ڏکڻ جي به غفلت پڌري ٿي وئي

ڪراچي(رپورٽر) لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِرڻ واري واقعي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميا بعد ڪمشنر ڪراچي جي  به غفلت سامهون اچي وئي آهي، واقعي کانپوءِ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي رپورٽن ۽ دستاويزن مان ڪمشنر ڪراچي جي سنگين غفلت به سامهون اچي وئي آهي، اها عمارت، جيڪا لياري جي بغدادي علائقي ۾ واقع هئي ۽ ٽي سال اڳ ئي خطري واري قرار ڏني وئي هئي، ان بابت وڏي وزير پاران واضح حڪم جاري ڪيا ويا هئا ته خطرناڪ عمارتن مان ماڻهن کي فوري طور ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. پر ان جي باوجود، ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ۽ ضلعي انتظاميه مڪمل طور تي خاموش رهي، عوامي آواز جي هٿ آيل هڪ خط مطابق، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪمشنر ڪراچي کي وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ لاءِ بار بار خط لکي چڪي هئي، خط ۾ واضح طور چيو ويو هو ته ڪراچي جي خطرناڪ عمارتن مان ماڻهن کي نيڪالي ڏئي سندن زندگيون بچايون وڃن، پر افسوس جو ڳالهه آهي ته ٽي سال گذرڻ باوجود ڪراچي جي انتظاميه ڪو به قدم نه کنيو، ۽ نه ئي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ حرڪت ۾ آيو، جيتوڻيڪ نوٽيس بار بار موڪليا ويا، اهڙي غفلت ڪيترن ئي قيمتي انساني جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي ۽ ان مان ڪراچي جي اعليٰ عملدارن جي بي حسي ۽ ذميواريءَ جي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.