ذوالفقار جونيئر ٻيهر لياري پهتو، عورت هٿ چميا، جذباتي منظر

ڪراچي: ذوالفقار جونيئر ٻيهر لياري بغدادي پهتو، جتي هن ڪريل عمارت جي متاثرن سان ملاقات ڪئي. هڪ عورت روئندي  سندس هٿن تي مٺيون ڏنيون، جنهن تي ماحول جذباتي ٿي پيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار جونيئر چيو ته "پيپلز پارٽي لياري کي قبرستان بڻائي ڇڏيو آهي، گذريل 40 سالن کان لياري جا مسئلا حل نه ٿيا آهن. هن چيو ته هو عوام ۽ خاص ڪري متاثر خاندانن سان گڏ آهي، لياري وارن سان دلين جا لاڳاپا آهن. ذوالفقار جونيئر شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت اڃا تائين متاثرن کي ضروري سهولتون مهيا نه ڪري سگهي آهي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.