اڄ يومِ عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي/اسلام آباد/ڪوئيٽا/پشاور (م ڊ) امام حسين عليه اسلام ۽ ساٿين جي قربانين جي ياد ۾ اڄ 10 محرم تي يومِ عاشور ملهايو  پيو وڃي، سڄي ملڪ سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪميونٽي ۽ انجمنن پاران ماتمي جلوس ۽ مجلسون رٿيل آهن. عاشور جي موقعي تي ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ وڏي انگ ۾ نفري مقرر ڪئي وئي جنهن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا جوان به فرضن ڀائيندا. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ 9 محرم الحرام عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. ڪراچي ۾ نشتر پارڪ ۾ مجلس ٿي جتي علاما شهنشاهه حسين نقوي خطاب ڪيو، جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو حسينيه ايرانيان امام بارگاهه کارادر وٽ پڄاڻي تي پهتو. جلوس جي سڪيورٽي لاءِ مجموعي طور تي 7 هزار 507 آفيسر ۽ جوان مقرر ڪيا ويا هئا. اسلام آباد ۾ پڻ جلوس ڪڍيا ويا جڏهن ته پنجاب جي شهر لاهور ۾ پانڊواسٽريٽ ۽ اسلام پورا کان جلوس برآمد ٿيا، شهر ۾ هڪ لک 47 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا. خيبرپختونخواهه جي گادي واري هنڌ پشاور ۾ نائين محرم جي موقعي تي، جلوس صدر حسينيه هال کان برآمد ٿيو ۽ مقرر رستن کان گذرندو پڄاڻي تي پهتو. ڪوئيٽا ۾ نائين محرم جي موقعي تي، ميڪنگي روڊ تي امام بارگاهه ناصر العزا کان ماتمي جلوس ڪڍيو ويو. دنيا جو ڪنڊ ڪڙڇ لبيڪ يا حسين رضه جي آوازن سان گونجي رهي آهي. عراق ۾ سڄي دنيا مان آيل عزادارن ڪربلا جي ميدان ۾ شهيدن جو ڏک ملهايو، ايران ۾ به مجلسون برپا ڪيون ويون. سري نگر ۾ سينا زني ۽ نوحه خواني ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي لازوال قربانين جي ياد ۾ بحرين ۽ فلپائن ۾ به ماتمي جلوس ڪڍيا ويا. يورپي ملڪن ۾ به حسين جي عزادارن ماتمي جلوس ڪڍيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.