اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي پگهار وڌائڻ يا نه وڌائڻ جو فيصلو وزيراعظم جي صوابديد تي ڇڏيندي بچاءُ واري وزير خواجا آصف خلاف وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق وزيراعظم کي لکيل خط ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، ڪابينا جي ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهار وڌائڻ بابت خواجا آصف جي تنقيد جو حوالو ڏنو ۽ ان تنقيد کي بي بنياد قرار ڏنو آهي، خط ۾ لکيو آهي ته خواجا آصف ڪابينا جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار وڌائڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، خواجه آصف خلاف خدشا ظاهر ڪيا ۽ پنهنجي پگهار ۾ واڌ جو فيصلو وزيراعظم جي صوابديد تي ڇڏي ڏنو، هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف چاهي ته آئون اضافي پگهار وٺندس، ٻي صورت ۾ پراڻي پگهار تي ئي ڪم ڪندس، ياد رهي ته پهرين فيبروري تي اسپيڪر پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
پنجاب ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيرن جي موڪلن جو معاوضو پوري پگهار برابر!
لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ وزيرن جي پگهارن ۾ واڌ کانپوءِ هاڻ موڪل دوران ملندڙ الائونس ۾ به نمايان واڌ ڪئي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي جي تازو ٿيل اجلاس ۾ "عوامي نمائندن بابت قانوني بل 2025” منظور ڪيو ويو، جنهن تحت وزيرن، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو ليو الائونس سندن مڪمل پگهار جي برابر مقرر ڪيو ويو آهي. بل مطابق پنجاب منسٽرس سيلري، الائونس اينڊ پروليجز ايڪٽ 1975 ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت هاڻ موڪل دوران پگهار مان ڪا به ڪٽوتي نه ٿيندي ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کي هڪ مهيني جي موڪل تي مڪمل پگهار ڏني ويندي. ان کان اڳ ڊپٽي اسپيڪر کي هڪ مهيني جي موڪل تي 37 هزار رپيا پگهار ملندي هئي، پر هاڻ نئين ترميم بعد ڊپٽي اسپيڪر کي به مڪمل پگهار يعني 7 لک 75 هزار رپيا، موڪل دوران به ملندا. بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اهي ترميمون وزيرن جي پگهار ۾ واڌ کانپوءِ ضروري بڻجي ويون هيون، ڇو ته موجوده ليو الائونس پراڻين پگهارن مطابق هو. پنجاب ۾ تازو ڏينهن ۾ وزيرن، اسپيڪر ۽ ٻين عوامي نمائندن جي پگهارن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن تي تنقيد به ڪئي وئي۔ هاڻ اسيمبلي مان موڪل دوران به مڪمل پگهار ڏيڻ جي قانوني منظوري هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي۔