ٽن سالن ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ اڍائي سئو سيڪڙو واڌ!

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مشهور معاشي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا ملڪ جي معيشت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هڪ اهم انڪشاف ڪيو آهي ته ٽن سالن ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ اڍائي سئو سيڪڙو واڌ ٿي آهي، سندس موجب، پاڪستان ۾ هن وقت بيروزگاري جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا ملڪ جي تاريخ ۾ بيروزگاري  جي لحاظ کان سڀ کان بلند سطح آهي، عمران خان جي دور ۾ اها شرح صرف 6.5 سيڪڙو هئي، ٻئي پاسي، ملڪ جي قرضن ۾ واڌ جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، خيبرپختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن عمران خان جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن ملڪ جو ڪُل قرضو 43,500 ارب روپيا هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.