روس افغان طالبان حڪومت کي تسليم ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو

ماسڪو(م ڊ) روس افغانستان جي طالبان حڪومت کي تسليم ڪري ورتو آهي، جنهن کان پوءِ روس پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ بعد انهن جي حڪومت کي قبول ڪيو آهي۔  برطانوي خابرو اداري موجب، روس افغانستان جي نئين سفير جي سند قبول ڪري ورتي آهي۔ان سلسلي ۾ روسي پرڏيهي وزارتِ جو چوڻ آهي ته طالبان جي حڪومت کي رسمي طور تسليم ڪرڻ جو عمل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندو۔ ياد رهي ته 15 آگسٽ 2021 تي آمريڪي فوجن جي نيڪالي کان پوءِ طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر افغان راڄڌاني ڪابل تي قبضي ڪري ورتو هو. ٻه سال اڳ روس جي صدر پيوٽن چيو هو ته انهن جو ملڪ طالبان کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو اتحادي سمجهي ٿو.ماهرن جي مطابق، روس افغانستان کان وٺي وچ اوڀر تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود انتهاپسند گروپن مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي طالبان سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.