اسلام آباد(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اپوزيشن جماعت سني اتحاد ڪائونسل جي 26 ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ احمد خان اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان ٻڌايو ته 26 ميمبرن خلاف نااهلي جو ريفرنس اڳ ئي داخل ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ڪجهه اهم قانوني معاملن تي صلاح مشورو ڪرڻو هو.اسپيڪر جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو گاريون ڏيندا، ڀڃ ڊاهه ۽ هنگاما ڪندا، اهي ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آهن، پي ٽي آءِ وارن فارم 47 جو تماشو لڳايو آهي. ملڪ احمد خان وڌيڪ چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪي ميمبر آئين جي پاسداري نٿا ڪن، تن کي هائوس جو حصو رهڻ جو ڪو حق ناهي.
-
سعودي سفير ۽ اسد قيصر جي ملاقات ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي
اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) سعودي عرب جي سفير پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن بعد اهو تاثر وڌيو آهي ته سعودي سفير عمران خان ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ معاملا بهتر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اهڙي ملاقات لاءِ پرڏيهي کاتي کان اجازت ورتي وئي هوندي، جيڪا ممڪن آهي ته ڏني وئي هجي. چيو پيو وڃي ته سعودي سفير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي وچ ۾ لاڳيتو رابطا ۽ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جن جو مقصد سياسي مفاهمت جو رستي هموار ڪرڻ آهي. اهڙا حساس رابطا عام طور تي ڳجها رکيا ويندا آهن، جيئن نواز شريف جي ماضيءَ واري ڊيل جي ڪنهن کي خبر نه هئي. عمران خان بابت هن وقت تائين ڪا به اهم اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ڇو ته اهڙيون ڊيلون سفير يا اڳواڻن جي سطح تي نه، پر آرمي چيف ۽ ڪرائون پرنس جي سطح تي طئي ٿينديون آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ سان اسٽيبلشمينٽ جي ملاقاتن بعد ائين لڳي ٿو ته هاڻوڪي حڪمتِ عمليءَ ۾ عمران خان سان ڳالهين جي گنجائش نظر نٿي اچي. ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري هڪ خط ذريعي ڳالهين جي تجويز ڏني هئي، پر عليما خان موجب عمران خان ان خط کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اهڙي تجويز ڏني وئي هوندي، پر عمران خان ان کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو. هو چاهي ٿو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿين ته سڌي ريت پاڻ سان ٿين يا ان شخص سان جنھن کي هو پاڻ مقرر ڪري.