اين ڊي ايم اي ٻوڏ کان اڳواٽ تياريون ڇو نٿي ڪري؟ چيئرمين کان سخت پڇاڻو

اسلام آباد(م ڊ) موسمياتي تبديلين بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن مون سون برساتن ۽ انهن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت اين ڊي ايم اي جي بريفنگ تي عدم اطمينان  جو اظهار ڪيو آهي، ميمبرن سوال ڪيو ته اين ڊي ايم اي اڳواٽ تياريون ڇو نٿو ڪري؟ برساتن ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ پهرين کان حفاظتي قدم ڇو ناهن کنيا ويندا؟ جڏهن ٻوڏ ماڻهن جي گهرن تائين پهچي ٿي، تڏهن اين ڊي ايم اي پهچي کين کاڌو ۽ امدادي سامان موڪلي رهيو هوندو آهي، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان شديد موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ 2025 تائين پاڪستان پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿيندڙ دنيا جو 15هون ملڪ بڻجي سگهي ٿو، هن سال مون سون ۾ عام کان وڌيڪ برساتن جي اميد آهي، خاص ڪري سنڌ، لوئر پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ برساتون متوقع آهي، گليشيئرز جي ڳرڻ سبب به ٻوڏ جو خطرو موجود آهي، جتي اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ اَپر پنجاب ۾ جولاءِ جي آخر تائين وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، ميمبرن چيئرمين جي بريفنگ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻيهر برساتن جو امڪان آهي، ته پوءِ اسان اڳواٽ ماڻهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڇا پيا ڪريون؟ اين ڊي ايم اي واضح ڪري ته اڳواٽ طور تي ڪهڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن اهڙي صورتحال کان بچي سگهون؟ اين ڊي ايم اي چيئرمين سڀني ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پاڻ کي آجو قرار ڏيندي چيو ته هي هڪ صوبي سطح جو مسئلو آهي، جڏهن آفت يا قدرتي آفت حد کان وڌي وڃي ٿي، تڏهن اين ڊي ايم اي مدد لاءِ پهچي ٿو، ڊي ڊي ايم اي کي به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ان جي صلاحيت به محدود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.