بدين ۾ سم نالن جي کاٽي جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وزير آبپاشي ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي بدين جي  سم نالن جي اسڪيم تي تفصيلي غور ۽ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران سيڪريٽري آبپاشي ۽ چيف انجنيئرن وزير آبپاشي کي ايل بي او ڊي، هاڪڙو ڍورو ۽ پراڻو ڍورو منصوبن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني. ان اجلاس ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙو، ايم پي اي ارباب لطف ﷲ، ايم ڊي سيڊا پريتم داس، چيف انجنيئر منصور ميمڻ، فريد ميمڻ ۽ مختيار ابڙو شرڪت ڪئي. ڄام خان شورو لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو هنگامي بنيادن تي ڪم مڪمل ڪن ۽ مقرر ڪيل وقت مطابق رپورٽون پيش ڪن. هن چيو ته بدين ۾ برساتن کان اڳ سم نالن جي مڪمل فعاليت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ان موقعي تي ڄام خان شورو زور ڏنو ته نڪاسيءَ جي انهن منصوبن جي ذريعي شهرين کي وڏو رليف ملندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.