ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ۾ موٽرسائيڪلن تي نئين نمبر پليٽن کي ٽريفڪ پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ موٽرسائيڪلن تي نئين نمبر پليٽ نه لڳائڻ تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب ٽريفڪ پوليس لاءِ "چاندي” ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته هر ڪجهه مهينن بعد نئون حڪم جاري ڪيو ويندو آهي. ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس، اجرڪ يا وڏي سائيز واري نمبر پليٽ نه هجڻ تي به وڏا ڏنڊ لڳائي رهي آهي. سنڌ حڪومت طرفان موٽرسائيڪلن جي نمبر پليٽن جي تبديلي جو نئون فيصلو شهرين جي پريشاني وڌائي ڇڏي آهي. نئين مونوگرام واري نمبر پليٽ مهم تحت شهرين کي ٻيهر پراڻيون نمبر پليٽون تبديل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي عوام سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتو 1850 رپين جي نئين نمبر پليٽ ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته اها ئي نمبر پليٽ مارڪيٽ ۾ صرف 600 رپين ۾ ملي رهي آهي. ڪراچي جا شهرين شڪايت ڪئي آهي ته نوان نوان ٽيڪس لڳائي عوام کي ڦر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٽيڪس ڏيڻ باوجود ڪا به سهولت فراهم نه پئي ڪئي وڃي.
نمبر پليٽن جي نالي تي پوليس شهرين کان ڀتو پئي وٺي: فاروق ستار
ڪراچي(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار الزام لڳايو آهي ته نمبر پليٽن جي نالي تي ڪراچي ٽريفڪ پوليس شهرين کان ڀتو وصول ڪري رهي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي لُٽڻ لاءِ نئون رستو ڳولي لڌو آهي، ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس روزانو ڪروڙين رپين جي رشوت وٺي رهي آهي، ايم ڪيو ايم ٽريفڪ پوليس کي وردي جي نالي تي کليل غنڊاگردي ڪرڻ نه ڏيندي، ٽريفڪ پوليس ڊمپر مافيا هٿان شهرين جون زندگيون محفوظ نه بڻائي سگهي آهي، شهرين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ۾ ڦاسڻو پوي ٿو، سنڌ حڪومت ڪراچي جي روڊن جي حالت موهن جو دڙو جهڙي ڪري ڇڏي آهي، چالان وري آمريڪا جهڙا وٺڻ جي خواهش رکي ٿي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي ناڪارا حڪمتِ عملي، ظلمن ۽ ناانصافين جو سلسلو بند ڪري.
ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل سوارن سان پوليس زيادتيون برداشت نه ڪنداسين:منعم ظفر
ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ڪرپشن جو چولي دامن جو ساٿ آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جهڙي اهم شهر سان دشمني وارو رويو اختيار ڪيون ويٺيون آهن، جيتوڻيڪ ملڪ جو سڀ کان وڏو ٽيڪس ڏيندڙ شهر ڪراچي آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ "K-4 پاڻي منصوبي” لاءِ رڳو 3.2 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ان رٿا لاءِ 40 ارب رپين جي ضرورت آهي، هن چيو ته مرتضيٰ وهاب کي وضاحت ڏيڻي پوندي ته نالن جي صفائي ڇو نه ڪئي وئي؟ واٽر بورڊ ڪرپشن جو گڙهه بڻيل آهي،هن چيو ته ڪراچي ڪنهن به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل نظر نٿي اچي، شهر ۾ نه ته باعزت ٽرانسپورٽ جو نظام آهي ۽ نه ئي بنيادي سهولتون موجود آهن.گذريل ٻن مهينن دوران 52 هزار کان وڌيڪ ٽرئفڪ چالان ڪيا ويا.پوليس چيف پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ڏنڊ وقت تي ادا نه ڪرڻ تي ان کي ٻيڻو ڪيو ويندو،ڏينهن اندر ادا نه ڪرڻ تي ڊرائيونگ لائسنس رد ڪيو ويندو،ڏينهن اندر ادائيگي نه ٿيڻ تي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويندو.منعم ظفر ٻڌايو ته گذريل 5 مهينن دوران ٽرئفڪ جي حادثن سبب 120 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، منعم ظفر واضح ڪيو تهشهر ۾ ڪنهن به موٽرسائيڪل سوار سان ٿيندڙ زيادتي خلاف جماعت اسلامي مڪمل طور تي آواز اٿاريندي ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي.
اسلام آباد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار عورت توڙي مرد لاءِ هيلمٽ لازمي
اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ماڻهن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ سوارن ۾ مرد هجن يا عورتون، ٻنهي لاءِ هيلمٽ پائڻ ضروري هوندو، اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي ترجمان مطابق، موٽرسائيڪل هلائيندڙ جي پويان ويهندڙ سواري به اوترو ئي خطري ۾ هوندو آهي جيترو ڊرائيور، ۽ ٻنهي سوارين لاءِ هيلمٽ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو شهرين جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، چيف ٽريفڪ آفيسر ذيشان حيدر چيو آهي ته فيصلي ٻن هفتن جي آگاهي مهم کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو.