ڪراچي (رپورٽر)ڪورنگي جي عوامي ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾، ڪورنگي ساڍي ٽي حسيني ليبارٽري جي ويجهو اڻڄاتل هٿياربند جوابدارن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪئي وئي، فوتي جي سڃاڻپ 26 ورهين جي عمير علي ولد اشفاق احمد طور ٿي آهي، ايس ايس پي ڪورنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو صبح جي وقت پيش آيو، پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان مقتول جو پرس ۽ موٽرسائيڪل مليو آهي، جڏهن ته سندس موبائل فون غائب آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته پوليس ويجهن علائقن ۾ لڳايل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن واقعي جي حقيقت معلوم ڪري سگهجي.