ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميٽرولاجسٽ انجم نديم هلندڙ مهيني ڪراچي ۾ برسات جي ٻن کان ٽن اسپيلن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي انجم نذير چيو ته 9 کان 11 جولاءِ دوران ڪراچي ۾ هلڪو مينهن وسي سگهي ٿو.
هن ٻڌايو ته جولاءِ جي وچ کان ڪراچي ۾ برسات جا ٻه کان ٽي سلسلا اچي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته چوماسي برساتون هن وقت ملڪ جي مٿانهن علائقن کي متاثر ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪٿي به ڪلائوڊ برسٽ جي صورتحال ناهي.
You might also like