ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس پهريون ڀيرو هڪ لک 31 هزار پوائنٽن جي حد پار ڪري ورتي.
نئين مالي سال جي شروعات سان ئي شيئرز بازار شاندار رفتار اختيار ڪندي تاريخي بلندين کي ڇُهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ غير معمولي واڌ ڏٺي پئي وڃي.
ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري سرگرمين جي شروعات زبردست تيزي سان ٿي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 727 پوائنٽن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انڊيڪس نئين بلند ترين سطح هڪ لک 31 هزار 071 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
پوءِ ٽريڊنگ دوران ڪاروبار ۾ معمولي گهٽتائي اچي وئي پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 342 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 30 هزار 686 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو.
You might also like