واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايلون مسڪ شايد تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ سرڪاري سبسڊي وٺندڙ ماڻهوآهي، ۽ جيڪڏهن اهي سبسڊيون نه هجن ها ته هو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏي ها. ٽرمپ چيو ته هو اليڪٽرڪ گاڏين جي لازمي قانون خلاف آهي ۽ هر ڪنهن کي اي وي وٺڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. هن تجويز ڏني ته حڪومت سبسڊيون بند ڪري وڏي رقم بچائي سگهي ٿي. ياد رهي ته ايلون مسڪ اڳ ۾ ئي ريپبلڪن پاليسين تي تنقيد ڪري چڪو آهي ۽ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان به ڪري چڪو آهي.