مستونگ ۾ "فتنه الهندستان” جا بازار ۽ بئنڪن تي حملا، هڪ نينگر شهيد، 7 زخمي

مستونگ (م ڊ ) مستونگ جي مرڪزي بازار تي "فتنه الهندستان” جي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ فائرنگ ۽ ڌماڪن سبب هڪ 16 ورهين جو نينگر شهيد ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا، سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي شديد ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي ٿيا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ضلعي انتظاميا جي ذريعن مطابق دهشتگردن مستونگ جي مرڪزي بازار سان گڏوگڏ 3 بينڪن تي به حملو ڪيو، جتي عمارتن، سرڪاري گاڏين ۽ ٻين تنصيبات کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، حملي بعد بازار بند ٿي ويو، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب، حملي کان پوءِ فوري طور تي ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز فورسز علائقي جو گهيرو ڪيو، جنهن تي دهشتگردن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، فورسز جي منظم ڪارروائي سبب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن کي گهيري ۾ آندو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.