سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران امن مارچ ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سينٽرل ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي مرڪزي چيف آرگنائيزر محب آزاد جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي گُذري، جنهن ۾ تنظيم سازي، ڪارڪردگي رپورٽ، تنقيد خود تنقيد جا سيشن ٿيا، گڏجاڻيءَ ۾ مرڪزي ڊپٽي چيف آرگنائيزر سارنگ جويي، مرڪزي آرگنائيزر اعزاز لغاري ۽ مرڪزي آرگنائيزر سھڻي جويو سميت سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي، مرڪزي ڪارڪردگي رپورٽ سارنگ جويي پيش ڪئي، جنھن کانپوءِ ٻين ايجنڊائن تي تفصيلن ڳالھه ٻولهه ڪئي وئي ۽ متفقا طور تي فيصلا ويا، فيصلو ڪيو ويو ته جلد سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي باڊي ۽ سناف جي مرڪزي باڊي تي مشتمل 2 ٽيمون جوڙي سڄي سنڌ جا دورا ڪري سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪئي ويندي. پارٽي ترجمان رسالو ڪڍيو ويندو ۽ سنڌ جي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پمفليٽ جاري ڪيا ويندا، آگسٽ 2025 ۾ سکر ڊويزن ۾ ماحولياتي تباھي کي روڪڻ ۽ وڌندڙ بدامني ۽ اغوا وارن واقعن خلاف مرڪز پاران ”امن مارچ“ ڪيو ويندو. ڪارڪنن جي سياسي، فڪري ۽ نظرياتي تعليم تربيت لاءِ ڪورس ڊزائين ڪري سڄي سنڌ ۾ اسٽڊي سرڪلز، ليڪچر پروگرام ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪرايا ويندا. گڏجاڻي ۾ ايم ايڇ سولنگيءَ کي سنڌين نيشنل ڪانگريس جو اڪثريتي راءِ سان مرڪزي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس مرڪز پاران ڪراچيءَ ۾ پُرامن احتجاج ڪندڙ استادن مٿان ڪراچي پوليس ھٿان لٺ بازي، آنسو گئس ۽ شيلنگ ڪري استادن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن مذمت ڪئي وئي ۽ سندن جائز مطالبن جي حمايت پڻ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.