هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل نينگر وار ي ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل بشير احمد جي گمشدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته هاڻي تائين ڪهڙيون جاچون ڪيون ويون آهن، جاچ آفيسر چيو ته اسان گم ٿيل شهري بابت ايف آءِ اي کان سفري تاريخ جي درخواست ڪئي آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي کان ڪهڙي معلومات ملي آهي؟،  جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهري بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، بشير احمد نابالغ آهي، جنهن جي ڪري هن سڃاڻپ ڪارڊ يا پاسپورٽ ناهي ٺهرايو، عدالت چيو ته پوءِ هن ڪهڙي پاسپورٽ تي سفر ڪيو هوندو عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته توهان ماڻهن کي ڪجهه به خبر ناهي ۽ رپورٽ پيش ڪري ٿا ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي واري  رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.