ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) نوشهروفيروز مان 14 ڏينهن اڳ مبينا طور کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻن فيصل مستوئي، عزيز بنگوار، بشير شر، ثنا الله لاشاري ۽ ٻين جي آزادي لاءِ جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، خيرپور ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ امجد خان مھيسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جتي خطاب ڪندي هن چيو ته وڏي عرصي کان مختلف شھرن جي قومي ڪارڪنن کي بلا جواز گم ڪيو ويو آھي، سمورن قومي ڪارڪنن کي ظاھر ڪري سندن جي گھر ڀاتين مان پکڙيل پريشاني ۽ مايوسي کي ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پرامن طور احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ اعليٰ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو، ميرپورماٿيلو ۾ قومي ڪارڪنن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جتي فقير رمضان ڪلوڙ، ميرحسن لاشاري، وحيد سنڌي، سهيل ڪلوڙ ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻ ارشاد لکڻ جساف اڳواڻ نومان مرڻاس، يوسف بوزدار. صفت پتافي بخت الله مرڻاس. وقار بوزدار ۽ ٻين خطاب ڪيو، مٽياري ۾ ذوالفقار علي ڏيٿو، شھزاد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، بشير جتوئي، صفدر جتوئي، ارشاد ملگاڻي، فراز کهاوڙ، راحب سومرو، زوهيب سومرو، شاهد لانگاھ، زوهيب شاھ، بدر جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ زنجير پائي انوکو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شاهجهان ڪلهوڙو، آفتاب شاهه، خالق چانڊيو، امداد مغيري، رفيق مگسي ۽ ٻين خطاب ڪيو، دڙي ۾ انور ملاح ۽ ڪامريڊ عزيز سومرو جي اڳواڻي ۾ سوزوڪي اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، سڪرنڊ ۾ مسعود شاهه، مصطفيٰ زنئور، قربان ٻنڀ، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي، عالم ڪيريو ۽ ٻين خطاب ڪيو، نئون ڳوٺ جي مخدوم سعدي موساڻي ۾ ناريائي چوڪ تي جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم دادو پاران ڪاريون پٽيون ۽ زنجير ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عاشق سولنگي، رحمان مغل، سليم ڪلھوڙو، ذيشان پيرزادو ۽ ٻين چيو ته جسقم جي پرامن اگواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آھي، فيصل مستوئي سميت گرفتار ڪارڪن کي جلد آزاد ڪيا وڃن.