لاهور(بيورو+م ڊ)لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ دهشت ڦهلجي وئي، زلزلي جا جھٽڪا قصور، اوڪاڻه، شيخوپوره، گوجرانواله، مريدڪي، ڪامونڪي ۽ ننڪانه تائين محسوس ڪيا ويا، جتي عمارتون لوڏي ويون ۽ ماڻهو ڪلمو طيبو پڙهندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا،زلزلو پيما مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4.4 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 12 ڪلوميٽر هئي،ريسڪيو ذريعن موجب، زلزلي سبب فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي، ٻئي پاسي، ڊائريڪٽر جنرل پراونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي سڄي انتظاميا عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي، ۽ آفٽر شاڪسن سان منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملو مڪمل طور تي الرٽ آهي.
-
عدالت زال کي باهه ڏيندڙ جوابدار کي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولھه جي عدالت ۾ پيٽرول هاري زال کي باھه ڏيندڙ جوابدار مڙس کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار رب رکيو کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيوآهي،پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جو پنهنجي زال سان منهن ماري ٿي، جنهن تي هو پنهنجي والدين جي گهر هلي وئي هئي،جوابدار پنهنجي سهري جي گهر وڃي زال مٿان پيٽرول هاري باھه ڏئي ڇڏي،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪيو.