حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس رهبر ڪاميٽي جي سربراھه نواز خان زئور جي صدارت ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شھيد بشيرخان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ موجودا صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ واري هلندڙ جدوجهد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هٿ وٺي سرڪاري سرپرستي ۾ امن امان خراب ڪرايو ويو آھي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ گهوٽڪي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، جڏھن ته پنجاب 6 ڪئنالن ٺاهڻ لاءِ بضد آهي ۽ بجيٽ ۾ پئسا رکي سنڌ کي بنجر بڻائڻ وارو منصوبو اڳتي وڌائي رهيو آهي، ڪئنال، ڊيم ۽ نوان بئراج سنڌو نديءَ کي موڙڻ واري سازش جو حصو آهن، موجودا وقت ۾ درياھي وهڪرا بهتر هجڻ باوجود سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ سارين جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي ۽ فصلن جي پوکي لاءَ پاڻي ناهي، زمينن تي والار ۽ وسيلن جي وارثي لاءِ پرامن جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پرامن جدوجهد ڪندڙ پارٽين جي گرفتار يا کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ موري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، اجلاس ۾ محمد علي خشڪ، پنهل ساريو، غفار ميرجت، نعمان راڄپر، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، مظهر نواز ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.