وزيراعظم طرفان بجلي تي 7.41 رپيا في يونٽ رعايت ختم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان اپريل 2023 ۾ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ ڏنل 7 رپيا 41 پيسا رعايت ختم ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هاڻي ميٽر گذريل سال جي گرميءَ واري اگهه تي هلندو. شهرين شڪايت ڪئي آهي ته حڪومت طرفان اهو تاثر ڏنو ويو هو ته اها گهٽتائي بنيادي ٽيرف ۾ ڪئي وئي آهي، پر هاڻ اها رڳو عارضي ايڊجسٽمينٽ نڪتي. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ مستقل بنيادن تي گهٽتائي ڪئي وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير اويس لغاري وضاحت ڪئي آهي ته حڪومت مستقل ريليف ڏنو آهي، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، باقي ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي. نيپرا جي هڪ ٻڌڻي دوران واهپيدارن پاور ڊويزن ۽ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کان سوال ڪيو ته ڇا 7.41 رپيا في يونٽ ريليف جاري رهندو؟ پر ايجنسي طرفان واضح جواب نه ڏنو ويو. نيپرا سنڌ جي ميمبر رفيق احمد شيخ ادارن تي زور ڀريو ته سڌو جواب ڏيو، پر سندن جواب مطمئن ڪندڙ نه هئا، جنهن تي نيپرا اختيارين عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.