ڏھرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) ڏهرڪي جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پ پ پ جي ايم پي اي ڄام مھتاب حسين ڏهر مٿان ٿيلحملي ۽ سندس محافظ ظفر ڏهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدار شهريار خان شر ۽ سندس فرزند جهانگير خان شر عبوري ضمانت واري محفوظ ڪيل فيصلي جي گذريل ڏينهن ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏهرڪي جي عدالت ۾ ٻئي جوابدار پيش نه ٿيا، جنهن سبب عدالت سڳوري ٻنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، ياد رهي ته ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڏهرڪي جي عدالت 28 جون تي فريادي ڌر ڄام مهتاب ڏهر ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪئي هئي جيڪو فيصلو عدالت ٻڌائي ڇڏيو آهي.