اسلام آباد (طلعت حسين) گذريل ڏينهن کان وٺي تڪرار هلي رهيو آهي ته جناح اسپتال جي دل جي بيمارين واري شعبي جو نالو تبديل ڪري مريم نواز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي رکيو ويو آھي. شروعاتي طور تي پنجاب حڪومت پاران ان کي جعلي قرار ڏنو ويو هو پر پوءِ اعتراف ڪيو ويو ته واقعي ائين ڪيو ويو آهي پر اهو جناح اسپتال نه پر دل جي مرضن واري يونٽ جو نالو رکيو ويو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن به عوامي سهولت جو نالو سياستدان جي نالي تي رکڻ گهرجي يا نه؟ جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي ذاتي خرچ سان، پنهنجن پيسن سان ڪو ادارو جوڙيو آهي، ته پوءِ انهن کي حق آهي ته نالي جي تختي پنهنجي نالي تي يا پنهنجي وڏڙن جي نالي تي رکن، جيڪڏهن انهن عوامي ۽ خانگي سيڪٽر مان فنڊ گڏ ڪري ڪا غيرمعمولي شروعات ڪئي هجي، جنهن ۾ انهن پنهنجو قيمتي وقت، محنت، رت ۽ پگهر لڳايو هجي، ته ٿي سگهي ٿو ته نالو رکڻ جو جواز ٺهي، جيتوڻيڪ ان ۾ به شڪ آهي، ڇو ته پيسا انهن جا ناهن، صرف خيال انهن جو آهي، پر جيڪا ڳالهه بلڪل ناقابل قبول آهي، اها هيءَ آهي ته پيسا مڪمل طور تي عوام جا هجن، ٽيڪس ڏيندڙن جا پيسا، جيڪي وچولي طبقي جا ماڻهو ڏين ٿا، ان پيسي سان ٺاهيل اداري تي جيڪڏهن ڪنهن سياستدان جي نالي جي تختي لڳي ٿي، ته اها سراسر ناجائز آهي. منهنجي خيال ۾ ان اداري جو نالو تبديل ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هڪ قومي پاليسي هجڻ گهرجي ته جيستائين ڪنهن اداري ۾ ڪنهن اڳواڻ جو ذاتي حصو، پيسو، وقت، محنت شامل نه هجي، تيستائين ان جو نالو ان اڳواڻ تي نه رکيو وڃي.