44 سئو نوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ ٽن مهينن دوران 4,400 نوان استاد ڀرتي، 4 نوان آءِ بي ايڪميونٽي ڪاليج قائم ڪيا ويندا ۽ 34,000 اسڪولن کي مالي خودمختياري ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ وسيلي هزارين شاگردن کي اسڪالرشپ ملندي، جڏهن ته صحت لاءِ 326.5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ايمبولينس سروس، اسپتالن جي توسيع ۽ ڪراچي ۾ واٽر، روڊ ۽ ٽرانسپورٽ منصوبا جلد شروع ٿيندا. سندس موجب، 50 اليڪٽرڪ بسن بعد وڌيڪ 100 بسون آگسٽ تائين هلائڻ جو منصوبو آهي، ۽ بينظير هاري ڪارڊ تحت 2 لک آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته ترقياتي منصوبن تي عمل حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.