راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان پارٽي قيادت کي 10 محرم الحرام کان پوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 27هين ترميم آندي پئي وڃي، ان کان ته بهتر آهي بادشاهت جو اعلان ڪيو وڃي ۽ عدليا کي حڪومت جو هڪ شعبو بڻايو وڃي. راولپنڊي جي اڊياله جيل مان پنهنجي ڀينرن جي ذريعي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ 26 ميمبرن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، ان کان ته بهتر آهي ته اسان جا ميمبر اسيمبليءَ کان ٻاهر پنهنجي اسيمبلي لڳائن. 10 محرم کانپوءِ غلامي جي نظام خلاف تحريڪ شروع ڪئي وڃي، ڇو ته قوم کي غلام بڻايو پيو وڃي، ۽ غلام ٿيڻ کان ته بهتر آهي ته مان سڄي زندگي جيل ۾ رهان. هُن چيو ته ڳالهه رڳو انهن سان ٿيندي جن وٽ طاقت آهي. راولپنڊي جي اڊياله جيل جي ويجهو پنهنجي ڀينرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته منهنجين ڀينرن کي رڳو 15 منٽ جي ملاقات جو وقت مليو، جڏهن ته وڪيل ظهير عباس کي رڳو هڪ ۽ اڌ منٽ لاءِ اجازت ملي. ان کانسواءِ سلمان صفدر، سلمان اڪرم راجا ۽ نيازالله نيازي کي ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. ن چيو ته اهي سڀ ڪوششون ان لاءِ آهن ته باني کي مائنس ڪيو وڃي. باني 26هين آئيني ترميم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن توهان ماڻهن جا ووٽ چوري ڪري کڻي چئو ته ووٽ جي ڪا اهميت ناهي، ته ان جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي چڪو آهي۔ جيڪڏهن عدليا کي حڪومت جو هڪ شعبي بڻايو وڃي ۽ ججن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، ته پوءِ ملڪ ۾ قانون جي بالادستي ختم ٿي چڪي آهي. باني چيو ته ان سان گڏ اخلاق به ختم ٿي ويا آهن.